| يمن ويجهو سامونڊي جهاز تي حملو، الرٽ جاري |
لنڊن (م ڊ) برطانوي سامونڊي اداري يو ڪي ايم ٽي او موجب يمن جي شهر حديده کان لڳ ڀڳ 30 ميل ڏکڻ اولهه پاسي هڪ مال بردار جهاز تي حملي جو اطلاع مليو آهي. اداري موجب جهاز مان هنگامي الرٽ جاري ڪندي ٻڌايو ويو ته اڻڄاتل هٿياربند ماڻهن طرفان حملو ڪيو پيو وڃي. يو ڪي ايم ٽي او موجب واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته سڀني جهازن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ان علائقي مان گذرندي احتياط ڪن ۽ ڪنهن به شڪي سرگرمي بابت فوري اطلاع ڏين.