يمن ۾ تشدد واڌ تي سخت ڳڻتي: سعودي قيادت سان هڪ ڏينهن اندر 3 ڀيرا رابطو، ڳالهين سان امن برقرار رکڻ گهرجي: وزيراعظم

يمن ۾ تشدد واڌ تي سخت ڳڻتي: سعودي قيادت سان هڪ ڏينهن اندر 3 ڀيرا رابطو، ڳالهين سان امن برقرار رکڻ گهرجي: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) يمن ۾ تشدد  ۾ اضافو ٿي ويو، پاڪستان سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان يمن جي خودمختياري، وحدت ۽ علائقائي سالميت جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. پاڪستان يمن مسئلي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڪوششن جي حمايت جاري رکندو. پاڪستان يمن جي ڪنهن به ڌر پاران هڪ طرفي قدم جي سخت مخالفت ڪري ٿو، اهڙن قدمن سان امن عمل کي نقصان پهچي سگهي ٿو ۽ خطي جي استحڪام لاءِ خطرو آهي. پاڪستان يمن ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ علائقائي ڪوششن جي آجيان ڪري ٿو. پاڪستان سعودي عرب سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ سعودي جي سلامتي لاءِ پختو عزم جو اظهار ڪيو. پاڪستان يمن بحران جي حل لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري تي زور ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته يمن جي عوام ۽ علائقائي طاقتون گڏجي جامع ۽ پائيدار حل وارو رستو اختيار ڪنديون. يمن مسئلي جو حل علائقائي استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ ناگزير آهي.
 

اسلام آباد: يمن ۾ ڇڪتاڻ بعد سعودي عرب ۽ پاڪستان جي اعليٰ قيادت ۾ هڪ ڏينهن اندر 3 رابطا ٿيا آهن.سعودي ولي عهد هلندڙ سال پاڪستان جي دوري جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي. رپورٽن موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه شام سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزادي محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. گرمجوشي ۽ خوشگوار ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ ولي عهد محمد بن سلمان لاءِ پنهنجي احترام ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان لاءِ پيار، خلوص ۽ گرمجوشي تي ولي عهد محمد بن سلمان جو شڪريو ادا ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اهو ورجايو ته ڊگهي عرصي کان قائم ۽ ڀائراڻا لاڳاپا، جيڪي تازن مهينن ۾ نئين بلندين تي پهتا آهن، انهن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي صورتحال ۽ تازي اڳڀرائي تي پڻ ڳالهايو. وزيراعظم مختلف چئلينجن جي تناظر ۾ مسلم امت ۾ اتحاد ۽ هم آهنگي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سعودي عرب جي بادشاهت سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي، وزيراعظم چيو ته ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي علائقائي امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ ضروري آهي. ولي عهد محمد بن سلمان ٽيليفونڪ رابطي لاءِ وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪيو ۽ باهمي دلچسپي جي سڀني شعبن ۾ پاڪستان سان تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي سعودي خواهش کي ورجايو. هن نئين سال دوران پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي خواهش جو به اظهار ڪيو. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم خادم حرمين شريفين، شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود، ۽ سعودي عرب جي وزيراعظم ۽ ولي عهد، شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود لاءِ پنهنجو احترام ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران تازي علائقائي ۽ عالمي پيش رفت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏنو. سعودي سفير شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي طرفان وزيراعظم کي مبارڪ پيغام پهچايو. سفير سعودي عرب جي هر شعبه ۾ پاڪستان سان تعاون وڌائڻ جي خواهش جو اظهار پڻ ڪيو. ان کان اڳ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان سعودي عرب جي گورنر تبوڪ شهزاده فهد بن سلطان بن عبدالعزيز ٽيليفونڪ رابطو ڪري نائب وزيراعظم اسحاق ڊار کي نئين سال جي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. شهزادي فهد بن سلطان پاران اسحاق ڊار کي تبوڪ جي دوري جي باضابطه دعوت ڏني وئي. پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ گڏيل دلچسپي وارن شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي به اتفاق، ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ويو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پاڪ سعودي تعلقن ۾ اضافي لاءِ شهزادي فهد بن سلطان جي ذاتي دلچسپي کي ساراهيو.