يمن ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي جي حمايت، سعودي عرب سان گڏ آهيون: پاڪستان

  يمن ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي جي حمايت، سعودي عرب سان گڏ آهيون: پاڪستان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ايٽمي اثاثن ۽ سهولتن جي فهرستن جي ڏي وٺ ٿي آھي پرڏيھي ترجمان طاھر حسين اندرابي ھفتيوار بريفنگ دوران ٻڌايو تہ نئين سال جي شروعات تي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ قيدين جي فھرستن جي ڏي وٺ ٿي آھي، پاڪستان ۾ 257 ڀارتي قيدي موجود آهن جڏھن تہ ڀارتي پرڏيھي کاتي فھرست نئين دھلي ۾ پاڪستاني ھاءِ ڪميشن جي نمائندي کي فراھم ڪئي. طاھر حسين اندرابي ٻڌايو تہ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ايٽمي اثاثن جي فھرست جي بہ ڏي وٺ پھرين جنوري تي ٿيندي آھي، ٻنھي ملڪن ايٽمي اثاثن جي فھرست بہ ھڪ ٻئي جي حوالي ڪئي. پرڏيھي ترجمان جو چوڻ ھو تہ پاڪستان يمن ۾ صورتحال معمول تي آڻڻ لاءِ علاقائي ڪوششن جي آجيان ڪري ٿو ۽ يمن تڪرار جي پرامن حل جي حمايت ڪيون ٿا، پاڪستان سعودي عرب سان مڪمل يڪجھتي جو اظھار ڪري ٿو. ھن چيو تہ پاڪستان اسرائيل طرفان صومالي لينڊ کي الڳ ملڪ تسليم ڪرڻ جي قدم کي رد ڪري ٿو، پاڪستان صوماليہ جي خودمختياري ۽ علاقائي سلامتي جي حمايت ڪري ٿو