| يمن ۾ 10 شهري مارجي ويا، سعودي تي حملا ايران نه پيو ڪرائي: حوثي |
صنعا (م ڊ) يمن جي تيل سان مالا مال صوبي مارب ۾ حوثي باغين جي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ماڻهو مارجي ويا. حوثي باغين جي تازي حملي ۾ 8 سرڪاري فوجي مارجي ويا ۽ 12 زخمي ٿيا. سعودي عرب جي حمايت يافته يمني حڪومت جي صحت واري وزير چيو ته مارب شهر ۾ رهائشي علائقن ۽ پناهگير ڪئمپن تي گولا باري ۾ ٻه شهري مارجي ويا ۽ 14 زخمي ٿيا. حوثي باغين چيو ته انهن مارب صوبي ۾ سرڪاري فوجن جي هڪ ڪئمپ کي نشانو بڻايو. هي حملي مارب ۾ حوثي ميزائل حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 58 سرڪاري فوجن جي مارجي وڃڻ کان هڪ ڏينهن پوءِ ٿيا. ٻئي طرف حوثين جي تنظيم ‘انصار الله’ جي سياسي بيورو جي هڪ عهديدار نصرالدين امير چيو آهي ته سعودي عرب خلاف ڪارروائي جا حڪم ايران کان نه اچي رهيا آهن. سعودي عرب خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ ايران کان ڪا به هدايت وٺڻ جي ضرورت ناهي. فوجي ڪارروائي جو واحد جواز حوثي باغين خلاف سعودي جارحيت آهي.