يمن ۾ 11 سالن کان گهرو ويڙهه، ملڪ ٻن حصن ۾ ورهايل

يمن ۾ 11 سالن کان گهرو ويڙهه، ملڪ ٻن حصن ۾ ورهايل

صنعا: يمن 2014 کان خانہ جنگي ۾ تباهه ٿي چڪو آهي. مقامي يمني ميڊيا ادارا ڊسمبر جي شروعات کان ئي خدشا ظاهر ڪري رهيا آهن ته ڏکڻ يمن ۾ سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات جي حمايت يافته گروپن جي وچ ۾ تڪرار وڌي سگهي ٿو. عليحدگي پسند گروپ ايس ٽي سي شروعاتي طور تي يمن ۾ حوثين خلاف سعودي اڳواڻي ۾ اتحاد جو حصو هو. بعد ۾ ڏکڻ ۾ خودمختياري حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. 2022 کان وٺي، ايس ٽي سي ۽ سعودي حمايت يافته اتحاد جي وچ ۾ حوثي ڪنٽرول کان ٻاهر ڏاکڻن علائقن  تي ڪنٽرول لاءِ ڇڪتاڻ هلندڙ آهي. ايس ٽي سي جو يمن جي ڏکڻ ۾ وڏي حصي تي ڪنٽرول آهي.