يورينيم جو رچاء: فائدا به ته خطرا به! … عديلا ناز سومرو

                 يورينيم جنهن کي yellow   cake به چئبو آهي، سائنسدانن جو چوڻ آهي ته اهو هڪ انتهائي طاقتور عنصر آهي. هي هڪ خاص قسم جو ڌاتو آهي، جيڪو زمين جي اندران يعني مٽي مان سمنڊ جي تري مان ۽ ٻيو جبلن مان ملندو آھي. خالص يورينيم ۾ ٻن قسمن جا ائٽم ٿيندا آهن:  ھڪ U238 ۽ ٻيو U235. يورينيم جي  انهن ٻنهي قسمن کي ڌار ڪرڻ لاءِ گيس سينٽري فيوج سيپرشن جو طريقو عمل ۾ آڻبو آهي، هن مرحلي ۾ يورينيم کي گيس ۾ تبديل ڪري تمام گهڻي تيزي سان ڦيرائبو آهي. ان لاءِ yellow chack کي يورينيم ڊائي آڪسائيڊ ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي. يورينيم ڊائي آڪسائيڊ مان  وري يورينيم ٽريٽرا فلورائيڊ جي شڪل اختيار ڪندو آھي. ان کان پوءِ يورينيم ٽريٽرا فلورائيڊ مان يورينيم هيڪسا فلورائيڊ ٺاهبو آهي.يورينيم هيڪسا فلورائيڊ هڪ اهڙو يورينيم آهي، جيڪو گهٽ گرمي پد  تي به نهري مان تبديل ٿي گيس جي شڪل اختيار ڪري سگهندو آهي.

پوءِ ان کي هڪ خاص قَسم جي مشين ۾ تمام گهڻي تيزي سان ڦيرائبو آهي. ان جي ڦرڻ جي رفتار ايتري ته تيز هوندي آهي جو عام انساني اک ان جو مشاهدو نه ٿي ڪري سگهي، پوءِ اهو ڦيرائڻ وارو عمل هزارين ڀيرا ورجائبو آهي. هڪ خاص مرحلي تي اچي ان ڦيرائڻ واري عمل سان ڳرا ماليڪيول پاسيرا ٿي ويندا آهن ۽ جيڪا شيءِ گھربل ھوندي آھي، اھا تمام ٿوري مقدار ۾ وِچَ ۾ رهجي ويندي آهي. انھي سڄي عمل کان پوء ٻہ ائٽم ملندا آھن، هڪ U238 جيڪي پاسيرا ٿي ويا اھي بلڪل ناڪاره ۽ سست ماليڪيُول ھوندا  آهن، سي مقدار ۾ %99 ھوندا آهن. ٻيا جيڪي وِچَ ۾ بچي ويا، سي U235 سڏبا آھن ۽ انھن جو مقدار فقط %0.7 ھوندو آهي، هي تمام ڪارائتو ماليڪيول آهي، جيڪو مرحلو اختيار ڪيو ويو، اھو سڄو 235U کي حاصل ڪرڻ لاءِ هو ۽ اهو ئي هڪ طاقتور تباھ ڪن ائٽم آهي، ڇو جو هي ميسيو انرجي پيدا ڪندڙ آھي. جڏهن ساڳئي طريقي سان ان جي مقدار کي وڌائڻ شروع ڪبو آھي ته اُن کي انرچمينٽ يا يورينيم جو رچاء چئبو آھي. عام طرح اهو خيال آهي ته يورينيم انرچمينٽ يا رچاء وسيلي صرف ائٽم بم ئي ٺاهي سگهجي ٿو پر حقيقت ۾ سائنس جي دنيا ۾ اها هڪ  تمام وڏي ايجاد آهي، جنهن اڄوڪي دنيا جي صورت ئي تبديل ڪري  ڇڏي آهي.u 235    جي انرچمينٽ مان ڪيترائي فائدا وٺي سگهجن ٿا ان جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته اُن کي ڪيترو رچايو ويو آهي يا ڪيترو وڌايو ويو آهي. يورينيم جي انرچمينٽ جا ٻہ درجا آهن جن کي مختلف پرسنٽيجز تي مختلف مقصدن لاءِ اِستعمال ڪيو ويندو آهي يا وري انرجي جنريشن يعني توانائي جي پيداوار لاءِ 3 کان 5 سيڪڙو انرچمينٽ سان گهرن فيڪٽرين لاءِ بجلي ٺاهي سگهجي ٿي. صحت جي گھرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ 30 سيڪڙو تائين يورينيم انرچ  ڪري ان مان ڪينسر جهڙي موتمار  بيمارين جو علاج ڪري سگهبو آهي، جنھن جو مقصد ته يورينيم جو ھڪ حد تائين رچاء انساني زندگين جي بچاء، ضرورتن  ۽ ترقي لاء انتھائي اھم ۽ ڪارائتو ٿي سگھي ٿو پر يورينيم جو 90 سيڪڙو تائين رچاء وارو عمل تمام گهڻو خطرناڪ ٿي سگھي ٿو، ڇاڪاڻ ته  ايتري انرچمينٽ ائٽم بم ٺاهڻ لاء گھربل ھوندي آهي.

 International attomic energy agency ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏيندي ٿي اَچي ته  يورينيم کي جوهري ھٿيار ٺاھڻ لاء استعمال نہ ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ھتي اچي  سائنس مختلف ملڪن ۽ گروپن وچ ۾ ھلندڙ سياسي تڪرارن ۾ پنھنجي طاقت ڏيکارڻ لاء غلط انداز ۾ استعمال ٿي سگھي ٿي، جنھن جا نتيجا انساني تباھي کانسواء ٻيا ڪجھ به نه ٿا ٿي سگھن. جديد ٽيڪنالاجي کي جنگ بدران  توانائي، صحت توڙي زرعي گھرجن جي پورائي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، سا غلط استعمال سان هڪ عالمي خطرو بڻجي سگھي ٿي. تنھن  ڪري ان تي سڄي دنيا ۾ سخت پابنديون ۽ نگرانيون آهن. ڇاڪاڻ ته جيڪڏھن

اها ٽيڪنالاجي غلط هٿن ۾ هلي وئي ته ان جا نتيجا ناقابل تصور حد تائين خطرناڪ ٿي سگھن ٿا. ڪڪڙ جي آني جيترو يورينيم 88 ٽن گولن جيتري توانائي پيدا ڪري سگهي ٿو. طاقت رڳو استعمال ڪرڻ واري تي دارومدار رکي ٿي. اها طاقت نه ته سٺي آهي، نه ئي خراب. اها هڪ نعمت به ٿي سگھي ٿي ته ساڳئي وقت  تباهي به ٿي سگهي ٿي. فيصلو ڪرڻ  رڳو انسان جي پنهنجي هٿ ۾ آهي ته اهو ان کي ڪهڙي ريت ٿو استعمال ڪري.ڇا ھو انھي نڪتي مان روشني ٿو حاصل ڪري يا اوندهه.