يورينيم جي منتقلي ايجنڊا ۾ شامل ناهي: ايران

يورينيم جي منتقلي ايجنڊا ۾ شامل ناهي: ايران

لنڊن(م ڊ) ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ايران جي رچايل يورينيم اسٽاڪ جي منتقلي تي ڳالهيون ايجنڊا تي ناهي بي بي سي فارسي جي مطابق پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل باغائي چيو ته ايران جي يورينيم اسٽاڪ کي آمريڪا يا ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن منتقل ڪرڻ جو معاملو ڳالهين جي ڪنهن به دور ۾ بحث ۾ نه آيو. هن چيو ته هي مسئلو ايران جي ڳالهين جي ايجنڊا تي ناهي.