يورينيم رچائڻ واري بنيادي حق تان هٿ نه کڻنداسين: ايراني صدر

يورينيم رچائڻ واري بنيادي حق تان هٿ نه کڻنداسين: ايراني صدر

تهران (م ڊ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته ايران يورينيم جي رچاءُ واري پنهنجي بنيادي حق تان ڪڏهن به پوئتي نه هٽندو ۽ سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي هميشه ساڳيو موقف رکيو آهي. هن چيو ته ٻي ڌر وٽ ايران جي بنيادي حق کي تسليم ڪرڻ کان سواءِ ڪو به آپشن ناهي. تهران ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ايراني صدر چيو ته سپريم ليڊر ڪيترن ئي موقعن تي واضح ڪيو آهي ته ايران ايٽم بم ٺاهڻ نٿو چاهي. هن چيو ته ڳالهين دوران آمريڪا جو مطالبو اهو هو ته ايران وٽ ايٽمي هٿيار نه هجڻ گهرجن.