يورپي ملڪ سلووينيا به فلسطين کي آزاد رياست تسليم ڪري ورتو

جُون 5, 2024

سلوانيا(پنهنجي ڊيسڪ) اسپين، آئرلينڊ ۽ ناروي کانپوءِ يورپي ملڪ سلووينيا به فلسطين کي آزاد رياست تسليم ڪري ورتو آهي

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سلووينيا جي پارليامينٽ فلسطين کي تسليم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، 90 رڪني پارليامينٽ مان 52 ميمبرن بل جي حمايت ڪئي، ٻيا ميمبر غير حاضر رهيا

سلووينيا جي پارليامينٽ جو چوڻ آهي ته ٻه رياستون قائم ٿيڻ سان ئي وچ اوڀر ۾ امن ٿي سگهي ٿو، 30 مئي تي سلووينيا آزاد فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ واري فيصلي جي منظوري ڏني هئي

Leave A Comment