| يورپي ڪميشن پاران ايران تي جلد وڌيڪ پابنديون لڳائڻ جو اعلان |
برسلز (م ڊ) يورپي ڪميشن جي صدر ارسلا وان ڊير ليين چيو آهي ته يورپي يونين ايران ۾ حڪومت مخالف احتجاجن تي ڪريڪ ڊائون جي ذميوار اختيارين تي جلد وڌيڪ پابنديون لاڳو ڪرڻ جي تجويز پيش ڪندي. ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن ايران ۾ احتجاج دوران موت جي تعداد کي خوفناڪ قرار ڏنو ۽ طاقت جي ضرورت کان وڌيڪ استعمال ۽ آزادين تي مسلسل پابندين جي مذمت ڪئي. ارسلا وان ڊير ليين پنهنجي ڊپٽي ڪجا ڪلاس سان سهمت ٿيندي چيو ته هن ڪريڪ ڊائون جي ذميوارن تي جلد ئي وڌيڪ پابنديون لاڳو ڪيون وينديون. اسان ايراني ماڻهن سان گڏ بيٺا آهيون جيڪي بهادري سان پنهنجي آزادي لاءِ مارچ ڪري رهيا آهن.