يوسي چيئرمين اڳوڻي ايم پي اي جي پٽ جي پيرن ۾ ڇو ويٺو؟ بحث شروع

نومبر 20, 2023

ڀرياسٽي جي يوسي مولهن جي چيئرمين نعمت الله عرف بابو وسطڙو جي سوشل ميڊيا تي هڪ تصوير بحث جو موضوع بڻيل آهي

تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته يوسي چيئرمين نعمت الله عرف بابو وسطڙو پيپلز پارٽي جي اڳوڻي ايم پي اي سيد مراد علي شاھ جي پٽ ۽ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر ظھير شاھ جي پيرن ۾ ويٺل آهي

تصوير موجب يوسي چيئرمين نعمت الله عرف بابو وسطڙو فرش تي ظھير شاھ جي پيرن ۾ ويٺل آھي

سوشل ميڊيا صارف تنقيد ڪري رهيا آهن ته آخر يوسي چيئرمين کي اڳوڻي ايم پي اي جي پٽ جي پيرن ۾ ويهڻ جي ضرورت ڇو پئي؟

Leave A Comment