يومِ شهادت جي مناسبت سان … سنڌ جو سپوت شهيد علاما ڊاڪٽر خالد محمود سومرو

                 مادر سنڌ ۽ سنڌي قوم جي سر تي ھميشه ڏاڍ ظلم ۽ جبر جو تسلسل رهيو آهي، ان جي باوجود به سنڌ ڌرتيءَ جي حلالي پٽن ۽ غيرتمندن پنهنجيون جانيون ته قربان ڪيون آهن پر ڪنهن ڏاڍي مڙس، ظالم ۽ جابر جي اڳيان پنهنجو ڪنڌ ڪپايو ته آهي پر جهڪايو نه آهي. سنڌ دشمن، سامراجي قوتن هميشه سنڌ دوست شخصيتن کي نشانو بڻايو آهي. 29 نومبر 2014 تي سنڌ دوست، سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ديني عالم، جمعيت علماء اسلام سنڌ جو اڳواڻ علاما ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سکر جي جامع مسجد ۾ نماز پڙھندي اهڙن ئي سفاڪ قاتلن جي گولين جو نشانو بڻجي شهيد ٿي ويو.

                 ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سنڌ جو سورھيه، ارڏو ۽ دلير حق ۽ سچ جو سپوت هو. ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي شھادت سان سنڌ کي تمام وڏو نقصان پھتو، ڇو ته ڊاڪٽر صاحب سنڌ ۽ سنڌ وارن جي لاءِ ھر فورم تي پنھنجو شفاف ۽ چٽو موقف رکيو، سنڌ جي بقا، سنڌ جا سمورا جائز حق گهرڻ، ڪالاباغ ڊيم جو مسئلو هجي، ٿل ڪينال جو مسئلو هجي، سنڌ ورهائڻ جون سازشون ھجن، آدم شماري جو مسئلو ھجي، سنڌ ۾ڌارين جي آبادڪاري ھجي، سنڌ جي معدني ۽ قدرتي وسيلن تي ڌاڙا هڻڻ جي ڳالھ ھجي، ڪوٽا سسٽم جو مسئلو، بي روزگاريءَ جو مسئلو ھجي، سنڌ جا اندروني قبيلائي جھيڙا يا اختلاف ھجن، سنڌ ۾ ٻٽو نظام ھجي، اقليتي برادرين سان ٿيندڙ زيادتيون ھجن، سنڌ مان نڪرندڙ تيل ۽ گئس جي مالڪيءَ جو مسئلو ھجي، اسلامي نظام جو مسئلو ھجي يا ختم نبوت جو مسئلو ھجي، ھر فورم تي اسٽيج کان وٺي سينيٽ جي ايوان تائين انگن اکرن سان ھر محاذ تي للڪاريندو ۽ وڙهندو رهيو.

شھيد علاما ڊاڪٽر خالد محمود سومرو اھو عالم دين هو، جنھن تي سنڌ واسي ۽ سنڌ ھميشه فخر ڪندي رهندي. ڊاڪٽر صاحب جڏهن سينيٽ جو ميمبر چونڊجي آيو ته پھريائين سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپجندڙ سڀئي سنڌي اخبارون جاري ڪرايائين، ان کان پھريان سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپجندڙ اخبارون اتي نه پهچنديون هيون. شھيد سنڌ ڊاڪٽر خالد محمود سومري قرآن، حديث، فلسفو، منطق، سائنس، تاريخ، سياست، ادب ۽ شاعريءَ ۾ اعليٰ مقام ھو. سندس شھادت سان سنڌ جي ھڪ اڻ کٽ يونيورسٽي بند ٿي وئي آھي. شھيد سنڌ علاما ڊاڪٽر خالد محمود سومرو ھميشه اسلام جي ڳالھ ڪئي ۽ سنڌ جي مسئلن تي ڳالهايو، سندس ڪردار ۽ موقف کير جھڙو اڇو اُجرو ھيو. سنڌ جي وحدت تي وار ڪندڙن خلاف ھميشه سخت لھجن ۾ ڳالھائيندو رھندو ھو.

ھي اھو با ڪردار شخص ھو، جيڪو ھميشه ديني جلسن ۽ اجتماعن ۾ اسلام جي سر بلندي ۽ سنڌ جي جائز حقن لاءِ وڏي جوشيلي آواز ۽ گجگوڙ سان للڪاريندو، پڪاريندو ۽ ڳالھائيندو رھيو. سياست سان گڏوگڏ عوام جي ڀلائيءَ، سماجي ۽ فلاحي ڪم به سر انجام ڏيندو رھيو. غريبن، مسڪينن، يتيمن ۽ بي سھارا ماڻھن جي خدمت ڪرڻ، ماضي قريب۾ سنڌ ڌرتيءَ مٿان آيل قدرتي آفتون، زلزلا، ۽ مھا ٻوڏ ۾ ھزارين  ماڻھن تائين امداد پھچائڻ، مدرسن جي طالبن تي خرچ ڪرڻ، غريب ۽ بي سھارا ماڻھن کي عيدن تي ڪپڙا وٺي ڏيڻ سان گڏوگڏ خرچيون ۽ کاڌي پيتي جون شيون به وٺي ڏيندو هو.

ھي سنڌ جو حلالي پٽ، ڪالاباغ ڊيم جي خلاف سينيٽ کان وٺي عوامي اجتماعن، جلسن، جلوسن ۽ گڏجاڻين ۾ دليلن سان ڳالهائيندو رهيو. ڪالاباغ ڊيم جي خلاف سنڌ جي 100 جيد عالمن جي فتوا مرتب ڪري وڏي جرئت ۽ بھادريءَ سان آمر حڪمرانن کي للڪاريو ۽ چئلينج ڪيو ته جيڪڏهن توھان وٽ ھن فتوا جو ڪو رد آهي ته ميدان تي آڻيو. سنڌ جي مشھور درگاهن جي گادي نشينن، پيرن ميرن، سردارن ۽ جاگير دارن، قوم پرستن ۽ سياست دانن کي حيدرآباد جي پريس ڪلب تي گڏ ڪري ڪالاباغ ڊيم جي خلاف سيمينار ڪرائي ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪيو.  ۽ وقت جي حڪمرانن کي للڪاريو ته جيڪڏهن توھان ڪالاباغ ڊيم جو نالو تبديل ڪري مڪو يا مدينو رکو ته به اسان کي قبول نه آهي. جمعيت علماء اسلام جا لکين ڪارڪن توهان سان گھٽي گھٽي ۾ ويڙھاند ڪندا.

سندس سنڌ ڌرتيءَ سان محبت ڄڻ ته ايمان جو حصو ھئي. ھن مرد قلندر اسلام جي تبليغ ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي جائز حقن جي حاصلات لاءِ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ سعودي عرب، دبئي، برطانيا، ايران، عراق، چين ۽ ھندوستان تائين، خيبرپختونخوا کان پنجاب تائين، ڪراچي کان ڪشمور تائين ۽ بلوچستان کان ٿر تائين سفر ڪيو. ڊاڪٽر خالد محمود سومري اسلام دشمن قوتن ۽ سنڌ دشمن قوتن سان مھاڏو اٽڪايو. جنھن جي نتيجي ۾ کيس سفاڪ ظالمن، امن جي ويرين شھيد ڪيو. اسان سنڌ واسين، اسلام پسندن ۽ قوم پرستن کي ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي شھادت تي فخر ضرور آهي پر سندس جدائي ۽ وڇوڙي جو ڏک ھميشه دلين ۾ رھندو۔