ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) يونان ٻيڙي سانحي ۾ بچي ويل مسافرن لڱ ڪانڊاريندڙ انڪشاف ڪيا آهن، يونان جي سمنڊ ۾ 3 سئو پاڪستانين سميت ٻڏي ويل ٻيڙيءَ کي ڄاڻي واڻي نه بچايو ويو
برطانوي خابرو اداري موجب ٻڏڻ کان 3 ڏينهن اڳ ٻيڙي جي انجڻ به خراب ٿي وئي هئي، ٻيڙي ٻڏڻ کان اڳ ئي پاڻي نه ملڻ سبب 6 ڄڻا فوت ٿي چڪا هئا
يوناني ڪوسٽ گارڊز جي جهاز پاران ڦاٿل ٻيڙيءَ جي مسافرن کي کاڌو ۽ پاڻي به ڏنو ويو، ٻيڙي ٻڏڻ تي مسافرن کي بچائڻ جي ڪا به ڪوشش نه ڪئي وئي
سانحي ۾ فوت ٿيل پاڪستانين جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي، نوجوانن کي روزگار جا ڏٽا ڏئي غير قانوني طور يورپ اماڻيندڙ مافيا خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي
يوناني سرڪار جي ظالماڻي اميگريشن پاليسي خلاف ايٿنز سميت مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا پيا وڃن، ٻيڙيءَ کي بچائڻ جي ڪا به ڪوشش نه ڪرڻ وارن الزامن جي شفاف جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي