| يونان ۾ 4 هزار سال قديم زيتون جو وڻ موجود هجڻ جو انڪشاف |
ڪومنگ (انٽريسٽنگ نيوز) يونان ۾ 4 هزار سال قديم زيتون جو وڻ موجود هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب يونان جي سامونڊي علائقي ڪريٽ جي ڳوٺ اينو ووز ۾ هڪ قديمي وڻ موجود هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جيڪو 3 کان 4 هزار سال قديمي وڻ قرار ڏنو پيو وڃي. ماهرن موجب اوليو ٽري آف وو وز نالي سان مشهور اهو قديمي وڻ هن وقت به سائو، تازو توانو ۽ ڦل ڏيندڙ آهي، ماهرن دعويٰ ڪئي آهي ته اهو وڻ حضرت عيسيٰ عليه السلام کان به 2 هزار سال اڳ جو آهي ، قديمي وڻ انتهائي گهاٽو، 12 ميٽر ڊگهو ۽ 4 ميٽر ويڪرو آهي. 1997 ۾ ان وڻ کي قدرتي يادگار جو درجو ڏنو ويو ۽ ان جي ويجهو زيتون ميوزيم به قائم ڪيو ويو، ان وڻ جي غيرمعمولي عمر جي ڪري اهو به مشهور آهي ته سندس شاخن کي ڪٽي اولمپڪس جي تاريخي رسمن ۾ به استعمال ڪيو ويو.