ڪنھن به ملڪ جا سڀ کان گھڻا پڙھيل لکيل تعليم يافتا ماڻھو يونيورسٽين اندر ھوندا آھن، جتي پروفيسر، پي ايڇ ڊي، سائنسدان ۽ محقق ھوندا آھن، جن کي اسان قوم ساز فرد به چوندا آھيون. يونيورسٽي ھڪ اھڙو ھنڌ ھوندو آھي، جتي زندگيءَ جي تقريبن ھڙني شعبن جا ماھر گڏ ھوندا آھن، تنھنڪري اصولي طور تي ھجڻ ايئن گھرجي جو ايترا گھڻا قابل ماڻھو نيون آئيڊياز ۽ بھترين طريقا لاڳو ڪري يونيورسٽين اندر بھترين نظام جوڙين ۽ يونيورسٽيون سڄي ملڪ لاءِ ماڊل ٽائون بڻجي وڃن. يونيورسٽين کي ته سماج جا ٽاور ھائوس ھجڻ گھرجي پر افسوس جي ڳالھ اھا آھي ته جڏھن يونيورسٽين کي ڏسجي ٿو ته ان اندر به ساڳيو نظام ۽ صورتحال نظر ايندي آھي، جيڪا ٻين سڀني ادارن اندر موجود آھي!
جڏھن به ملڪ جي سياست تي ڳالھ ٻولھ ٿيندي آھي ته راءِ عامه اھا ھوندي آھي ته اسان وٽ تعليم ۽ شعور جي گھٽتائي آھي. عوام بي عقل آھن يا اھي پڙھيل ڳڙھيل نه آھن، انڪري ملڪ جو اھو حال آھي يا اھو چيو ويندو آهي ته ملڪ جا وزير گھڻو ڪري وڏيرا، سردار، سرمائيدار ۽ جاگيردار آھن، انڪري تبديلي نه ٿي اچي. مطلب ته سڄو ڏوھ غير تعليم يافته عوام کي ڏيندا آھن، پر يونيورسٽين اندر ته وائيس چانسلر، رجسٽرار کان وٺي ھڙئي عملدار تمام گھڻا پڙھيل لکيل ھوندا آھن ۽ سڄو نظام به سندن ھٿن ۾ ھوندو آھي. ھجڻ ته ايئن گھرجي ته اتي مثالي نظام رائج ٿيل ھجي ھا، پوءِ به اتي تبديليون ڇو نه اينديون آھن؟
يونيورسٽين جو پورو نظام بنيادي طور تي سينيارٽي تي ھلي ٿو. مثال طور: ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين اھو بڻايو وڃي ٿو، جيڪو سڀ کان سينيئر ھوندو. ساڳئي ريت ڊين به اھوئي ٿيندو، جيڪو سڄي فيڪلٽي ۾ سڀ کان گھڻو سينيئر ھجي. ايئن نه آھي ته جيڪو سڀ کان وڌيڪ قابل ھجي يا جنھن جي ڪارڪردگي سڀني کان بھترين ھجي، ان کي ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين بڻايو ويندو، پر تقرريءَ جو معيار اھو آھي ته جيڪو سڀني مان سينيئر ھجي. اھو ئي بنيادي سبب آھي جو اسان جي ملڪ جا سرڪاري ادارا ڪارڪردگيءَ ۾ نجي ادارن کان تمام گھڻو پوئتي ھوندا آھن. نجي ادارن ۾ ان شخص کي ئي ٽاپ مينيجمينٽ ۾ رکندا آهن، جيڪو سڀ کان سٺي ڪارڪردگي پيش ڪندو آھي. باقي فقط عمر وڏي ھجڻ جھڙن غير ذميوار معيارن مقرر ڪرڻ سان يونيورسٽيون ڀلا ڇا ترقي ڪنديون! ٻيو ته ڪنھن به سطح تي وي سي جي يا چيئرمين جي ڪارڪردگيءَ کي جاچڻ جو ڪو نظام ئي موجود ناھي. ڪنھن سٺو پرفارم ڪيو يا خراب- ڪو فرق نه ٿو پوي بس مدو پورو ڪرڻو آھي.
جيستائين اسان وٽ ميرٽ جو نظام لاڳو نه ٿيندو، تبديلي اچڻ تمام مشڪل آھي. جڏھن به اداري جو سربراھ ڪنھن قابل ماڻھوءَ کي رکيو ويو آھي، ھن پنھنجي دور ۾ اداري اندر وڏيون تبديليون آنديون آھن. جڏھن اداري جو سربراھ باصلاحيت، قابل ۽ ايماندار ھوندو ته پوءِ ماتحت عملي جي مجال ناھي ٿيندي ته ھو بي ايماني سان ڪم ڪري سگھن. جيتوڻيڪ يونيورسٽين اندر ڪرپشن گھٽ ھوندي آھي پر اتي اقربا پروري، پنھنجن کي نوازڻ ۽ سفارش جو ڪلچر چوٽ چڙهيل آهي. ڪو به ڪم ڪرائڻو ھجي ته جيستائين اوھان جو ڪو سورس يا پُٺ نه ھجي، ڪم ڏکيو ٿيندو. ٻيو ته ڇڏيو وائيس چانسلر جھڙي اھم پوسٽ به سياسي حمايت کانسواءِ ڏکي ملندي آھي.
يونيورسٽي جو سڄو نظام عجيب و غريب نموني سان ھلندڙ نظر اچي ٿو. تقريبن ھر ڊپارٽمينٽ ٻن گروپن ۾ ورھايل نظر ايندو آھي، جن جو ڪم ھڪٻئي جون ٽنگون ڇڪڻ، رڪاوٽون وجھڻ ۽ ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ ھوندو آھي. پنھنجو گھڻو وقت يونيورسٽي ۽ ڊپارٽمينٽ جي بھتري بدران پنھنجن کي نوازڻ ۽ مخالفن کي ٽف ٽائيم ڏيڻ ۾ گذاريندا آھن. يونيورسٽي جي سمورن عھدن جو ڪو به شفاف ۽ منظم طريقيڪار نه آهي. عام طور تي سڀ وائس چانسلر جي ذاتي پسند ۽ ناپسند تي منحصر آھي، جيڪو عھدو جنھن به استاد کي ڏيڻ چاھي ،تنھن لاءِ نه ته ڪنھن انٽرويو جي ضرورت آھي، نه ئي ڪنھن اھليت جي. تنھنڪري چاپلوسي ڪاميابيءَ جو بھترين نسخو بڻجي چڪو آهي ۽ آزاد خياليءَ کي سخت ناپسند ڪيو ويندو آهي.
سرڪاري يونيورسٽين اندر آن لائين پورٽل جو نظام ئي ناھي. ھجڻ ايئن گھرجي ته شاگردن کي پنھنجي ڪورس جو سليبس، شيڊيول، پاور پوائنٽ جي سلائيڊن کان وٺي امتحاني رزلٽ تائين ھر شئي آن لائين پورٽل سسٽم ذريعي پھچائي وڃي. اسان وٽ پرائيويٽ يونيورسٽين اندر ته اھو نظام آھي پر سرڪاري يونيورسٽيون ان شعبي ۾ به پوئتي پيل آھن! يونيورسٽين ۾ استادن جو تنظيمون مضبوط ۽ اثرائتيون ھونديون آھن، پر انھن جي سياست جو حال به ملڪي سياسي پارٽين توڙي انھن جي وھنوار کان ٿورو به مختلف ناھي. ھو به ھر وقت پنھنجي سياسي مخالفن مٿان گھڻي ۾ گھڻو گند اڇلائڻ کي پنھنجي وڏي ڪاميابي سمجھندا آھن. کٽي اچڻ کانپوءِ توھان سڀني استادن جا نمائندا بڻجي ٿا وڃو، ڀلي ڪنھن توھان کي ووٽ ڏنو ھجي يا نه. جيڪڏھن ان باوجود به اوھان جي سوچ ايتري ننڍي ھجي ته توھان فقط پنھنجن ووٽرن لاءِ ڪم ڪندو ۽ ٻين لاءِ نه، ته اھڙي تنگ نظر سوچ ڪھڙا نتيجا ڏيندي؟ يونيورسٽيءَ جو نظام سينڊيڪيٽ ھلائيندي آھي پر ان سينڊيڪيٽ جي جوڙجڪ به سمجھ کان ٻاھر آھي. سنڊيڪيٽ ته انتھائي قابل ماڻھن جو اھڙو گروپ ھجڻ گھرجي، جن جي صلاحيت ۽ قابليت ۾ ڪنھن به قسم جي شڪ جي گنجائش نه ھجي پر ان اندر به اھڙا ماڻھو ويٺا ھوندا آھن، جيڪي آزاد فيصلا ڪرڻ بدران فقط وي سي جي مرضيءَ ڏي ڏسندا رھندا آھن، نتيجي طور سينڊيڪيٽ اندر به نيون آئيڊياز، نيون رٿائون ۽ سڌارا جنم ئي گھٽ وٺندا آھن.
يونيورسٽيون ته اهڙيون هجڻ گھرجن جو اندر داخل ٿيندي ئي علم سان گڏ خوبصورتي جو به احساس پيدا ٿئي. ڪيمپس ۾ مور، هرڻ ۽ ٻيا دلڪش جانور آزادي سان گهمندا نظر اچن، چوڌاري هر طرف ساوڪ، باغ ۽ گھاٽا وڻ هجن، جيڪي سڪون ۽ نفاست جو ماحول پيدا ڪن. شاگردن لاءِ ڪيمپس ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ وڃڻ لاءِ سائيڪلن جو انتظام هجي، ته جيئن ٽريفڪ، گوڙ ۽ آلودگي بدران هڪ صحتمند ڪلچر پيدا ٿي سگھي. رڪشائن، بسن ۽ موٽر سائيڪلن بدران سڄي ڪيمپس ۾ سائيڪلن جي هلچل هجي، جيڪا تعليمي ادارن کي وڌيڪ منظم، صاف ۽ صحتمند بڻائي سگهي ٿي. يونيورسٽي اصل ۾ نوان خيال پيدا ڪرڻ جي جاءِ آھي. يونيورسٽين ۽ اسڪولن ۾ بنيادي فرق ئي تحقيق جو ھوندو آھي پر افسوس جو تحقيق اسان جي يونيورسٽين جي ترجيح گھٽ ئي رھي آھي. اوھان کي حيرت ٿيندي ته اسان وٽ سرڪاري يونيورسٽيون پي ايڇ ڊي توڙي ايم فِل ڪرائڻ لاءِ استاد، شاگرد توڙي ان ريسرچ پروجيڪٽ لاءِ ھڪ رپيو به نه ڏينديون آھن. جيڪا پي ايڇ ڊي مفت ۾ ڪرائي ويندي، ان جي معياري ھجڻ جي اميد ڪيئن ٿي رکي سگھجي؟ وڌيڪ افسوسناڪ عمل تڏھن ٿيندو آھي، جڏھن سليڪشن بورڊ دوران يونيورسٽي جا پروفيسر پنھنجي ئي سپرويزن ھيٺ پي ايڇ ڊي ڪيل شاگردن کي سليڪٽ ڪرائڻ لاءِ ھٿ پير ھڻي ميرٽ جو قتل ڪندا آھن، نتيجي طور اھڙا استاد چونڊجي ايندا آھن، جن کي اڳين نسلن کي ڀوڳڻو پوندو آهي. منھنجي نظر ۾ سليڪشن بورڊ اندر ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين کي ويھڻ جي اجازت ئي نه ھجڻ گھرجي. جيڪڏھن سندس ڪو شاگرد اميدوار ھجي، ڇو ته ان کان وڏو conflict of interest ٻيو ڪھڙو ٿي سگھي ٿو! ڪڏھن ڪڏھن ذھن ۾ اھو خيال ايندو آھي ته شايد ٺيڪ ئي آھي جو ڪو يونيورسٽي جو پروفيسر ملڪ جو وزيراعظم نه ٿو بڻجي. جڏھن ھو وي سي، ڊين يا چيئرمين جھڙن ننڍن عھدن تي ميرٽ جي لتاڙ ڪندي پنھنجي پسند جي ماڻھن جي ڀرتيءَ ۾ ڪسر نه ٿا ڇڏين ته جيڪڏھن وزيراعظم يا وزيراعليٰ مقرر ڪجين ته ڪٿي ھاڻوڪين حڪومتن کان به وڌيڪ خراب حال نه ڪري ڇڏين. سو اصل ڳالھ شايد تعليم جي کوٽ جي ناھي پر سوچ، فھم ۽ ذھنيت جي آھي. اسان جو سمورو ملڪي توڙي قومي اجتماعي مزاج ئي اھڙو آھي جو ھر سطح تي بگاڙ جي صورتحال ساڳي رھي ٿي.