يونيورسٽين ۾ هولي ملهائڻ تي پابندي: هيڪ يونيورسٽيز کي خط لکي ڇڏيو

جُون 21, 2023

ڪراچي(رپورٽ: دودو چانديو) هائيرايجوڪيشن ڪميشن سنڌ سميت پوري ملڪ جي يونيورسٽين ۾ هولي جو ڏڻ ملهائڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي

ايڇ اي سي پاران يونيورسٽين جي انتظاميا ڏانهن هڪ خط اماڻيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته يونيورسٽين ۾ هولي جو ڏڻ ملهائڻ وارو رجحان وڌي رهيو آهي جيڪو انتهائي ڳڻتي جوڳو عمل آهي

خط ۾ چيو ويو آهي ته يونيورسٽيز ۾ هولي جو ڏڻ ملهائڻ سان پاڙيسري ملڪ جي ڪلچر کي هٿي ملي ٿي ڇاڪاڻ ته پاڪستان هڪ مذهبي ملڪ آهي انڪري پاڙيسري ملڪ جي ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ شرمندگي جو سبب بڻجي ٿو

ايڇ اي سي پاران يونيورسٽين جي انتظاميا کي هدايت ڪئي وئي آهي ته نوجوانن کي پنهنجي ڪلچر بابت ڄاڻ ڏني وڃي ته جيئن اهي پنهنجي ملڪ جي ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن

خط ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته هيڪ چاهي ٿي اهڙيون پاليسيون ٺاهيون وڃن جنهن سان شاگردن کي پنهنجي ڪلچر ۽ مذهب جي حقيقي ڄاڻ ملي ته جيئن اهي ٻين ملڪن جي ڪلچر ۽ مذهبي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ کان پاسو ڪري سگهن

ايچ اي سي پاران يونيورسٽين جي انتطاميا کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهڙي هر سرگرمي کان يونيورسٽين کي پاسيرو ڪيو وڃي جنهن سان پنهنجي قومي سڃاڻپ ۽ قدر کي نقصان پهچي رهيو آهي

Leave A Comment