| يونيورسٽي 2022ع کان عدالتي حڪم نامن تي عمل ڇو نه ڪيو؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ |
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن ايڪس ڪيڊر مان آءِ ٽي ڪيڊر ۾ ترقي 26 ملازمن جي ڏيڊ سال جي سروس رولڙي جو شڪار ٿيڻ تي توھين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت عملدارن کي ڇنڊ پٽيندي رمارڪس ڏنا ته 2022ع کان عدالتي حڪم نامن تي سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر ۽ رجسٽرار پاران ھن وقت تائين ڇو نه عملدرآمد ڪيو؟ عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو. جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ۽ جسٽس رياضت علي ساھڙ تي مشتمل ڊويزنل بئنچ سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن نظير احمد عباسي ۽ فرخ حسين سميت 26 ملازمن جي توھين عدالت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته اسان جي اپگريڊيشن 16 مان 17 گريڊ ۾ ھئي، سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي ۽ رجسٽرار ڏيڍ سال سروس ماري ڇڏي آھي اسان ايڪس ڪيڊر آفيسر ھئاسين ھنن آئي ٽي ڪيڊر ڏئي ڇڏيو، جيڪو غيرقانوني آھي اسان کي ڏيڍ سال جي سروس ڏئي ايڪس ڪيڊر بحال ڪيو وڃي،1-12-2022ع واري حڪم تي صحيح نموني سان عملدرآمد نه ڪيو ويو آهي، عدالت يونيورسٽي انتظاميا کي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي يونيورسٽي انتظاميا کان سخت پڇاڻو ڪيو ته عدالتي حڪم تي عملدرآمد ڇو نه ڪيو ويو؟ يونيورسٽي انتظاميا جي وڪيل عدالت کي آگاھي ڏني ته اسان آٽونامس ادارو آھيون، خودمختيار ادارو آھيون حڪومت اسان کي بجيٽ گھٽ پئي ڏئي اسان جا فيصلا سينڊيڪيٽ وٽ آھن عدالت چيو ته ڇا ھاء ڪورٽ جي حڪم کان وڌيڪ سينڊيڪيٽ آھي؟ اوھان عدالتي فيصلو سينڊيڪيٽ اڳيان رکو عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو، ٻڌڻي دوران سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻو رٽائرڊ وائيس چانسلر ڊاڪٽر صديق ڪلھوڙو ۽ اڳوڻو رٽائرڊ رجسٽرار غلام محمد ڀٽو ۽ موجوده انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن جو پروفيسر ۽ ايڊيشنل چارج رکندڙ ڊائريڪٽر فئناشنل ايڊ ۽ رجسٽرار ڊاڪٽر مشتاق ڄاريڪو ۽ رٽائرڊ سپريڊنٽ وسيم شيخ ۽ ٻيا موجود ھئا.