يوٽرن وٺڻ وارو ۽ امپورٽيڊ نه مقامي وزيراعظم هئس، ٻيهر موقعو مليو ته اهڙو ڪم ڪنداسين جو تاريخ ياد رکندي: نواز شريف

جنوري 24, 2024

ننڪانه صاحب(پنهنجي ڊيسڪ)مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف چيو آهي ته يوٽرن وٺڻ وارو ۽ امپوريٽيڊ وزيراعظم ناهيان، آئون مقامي وزيراعظم هئس ۽ هُو ناڪام وزيراعظم هو

 ننڪانه صاحب ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته نواز ليگ کي موقعو مليو ته اهو ڪم ڪنداسين جو تاريخ ياد ڪندي

هن سوال ڪيو ته ڇا مون سان اها دشمني هئي جو لوڊشيڊنگ ۽ دهشتگردي ختم ڪئي؟ ڇا ڪو چئي سگهي ٿو ته هاڻوڪو پاڪستان 2017ع جي پاڪستان کان سٺو آهي؟

هن چيو ته ماڻهن کي تڪليف ۾ ڇو وڌو ويو، اسان موجوده سموري نظام کي تبديل ڪنداسين، 8 فيبروري تي خدمت جو موقعو مليو ته ننڪانه صاحب کي ماڊل سٽي ٺاهينداسين

نواز شريف چيو ته جيڪڏهن مقامي وزيراعظم هجي ها ته ملڪ جو اهڙو حشر نه ٿئي ها، مون کي  وزارت عظميٰ تان هٽائي  هڪ شخص کي مڙهيو ويو، جنهن ملڪ جي ترقيءَ جو ڦيٿو جام ڪري ڇڏيو

سندس چوڻ هو ته مون کي ٻڌايو وڃي ته منهنجو ڏوهه ڪهڙو هو، جو مون کي ڪڍيو ويو؟ ڇا ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائيندڙ کي هٿڪڙيون لڳايون وينديون آهن؟جيڪڏهن هن وقت تائين مان هجان ها ته ملڪ ۾ ڪو به نوجوان بيروزگار نه هجي ها

ان موقعي تي مريم نواز چيو ته اسان 9 مئي وارا نه 28 مئي وارا آهيون، اسان جو مقابلو ڪنهن پارٽي سان نه پر غربت سان آهي، نواز شريف  ڪنهن ٻئي جو نه پر عوام جو لاڏلو آهي

هن چيو ته نواز شريف کي بار بار ڪڍيو ويو، پر عوام کيس بار بار ووٽ ڏئي ٻيهر آندو، عوام جو درد محسوس ڪندڙ ليڊر رڳو نواز شريف آهي

Leave A Comment