اسلام آباد (بيورو رپورٽ) يوٽلٽي اسٽور ڪارپوريشن تي کنڊ بحران ختم ٿيڻ جي راهه هموار ٿي وئي، يوٽلٽي ڪارپوريشن 40 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ جو ٽينڊر کولي ڇڏيو آهي
ذريعن موجب يوٽلٽي اسٽور ڪارپوريشن 135 رپيا 27 پئسا في ڪلو کنڊ جي حساب سان ٻولي موصول ٿي آهي
سمورا خرچ گڏائي يوٽلٽي اسٽور ڪارپوريشن کي کنڊ 150 رپيا في ڪلو پوندي, ڪارپوريشن کي 20 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ خريداري لاءِ ٻولي موصول ٿي آهي
مليل ٻولي منظور ٿيڻ جو امڪان آهي. گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن جي اسٽاڪ ختم ٿيڻ سبب کنڊ جو بحران آهي
ان کان اڳ يوٽلٽي اسٽور تي 157 في ڪلو جي حساب سب کنڊ جي ٻولي رد ڪئي وئي هئي,آخري ڀيرو يوٽلٽي ڪارپوريشن 130 رپين ۾ في ڪلو جي حساب سان کنڊ خريد ڪئي هئي