يوٽيلٽي اسٽورز تي شيون عام دڪانن کان به مهانگيون: اٽو، چانور ۽ کنڊ جا وڌيڪ اگهه مقرر

فيبروري 24, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) يوٽيلٽي  اسٽورز تي اٽو، کنڊ ۽ چانور عام مارڪيٽ کان مهانگي اگهن تي وڪرو ٿيڻ لڳا. دستاويزن موجب، يوٽيلٽي اسٽورز تي 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهي2840 رُپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي جڏهن ته عام مارڪيٽ ۾ 20 ڪلو اٽو 2792 رپين ۾ ملي رهيو آهي

سرڪاري دستاويزن موجب، سيلا چانور عام مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ يوٽيلٽي  اسٽورز تي 53.40 رُپيا مهانگا آهن، عام مارڪيٽ ۾ سيلن چانورن جي في ڪلو قيمت 317 رُپيا آهي

اڇا چڻا به عام مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ يوٽيلٽي  اسٽورز تي 13.53 مهانگا وڪرو ٿي رهيا آهن، عام مارڪيٽ ۾ اڇن چڻن تي في ڪلو قيمت 391 رُپيا آهي جڏهن ته يوٽيلٽي  اسٽورز تي اڇا چڻا 405 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن

ان کانسواءِ يوٽيلٽي  اسٽورز تي کنڊ به عام مارڪيٽ جي حساب سان 9 رُپيا مهانگي ملي رهي آهي، يوٽيلٽي  اسٽورز تي کنڊ جي في ڪلو قيمت 155 رُپيا آهي جيڪا مارڪيٽ ۾ 146 رُپيا في ڪلو جي حساب سان حاصل ڪري سگهجي ٿي

Leave A Comment