| يوٽيوبر ايڊم وو پراسرار نموني فوت: گهران لاش هٿ |
واشنگٽن (ڪلچرل ڊيسڪ) مشهور يوٽيوبر ايڊم ڊي وو 51 سالن جي عمر ۾ پراسرار نموني فوت، پرڏيهي ميڊيا موجب 2009ع ۾ يوٽيوب جو شروعاتي مواد ٺاهيندڙ ڊيوڊ ايدم وليمز جو لاش فلوريڊا ۾ سندس گهر مان مليو. اوسيولا ڪائونٽي جي شيروف آفيس تصديق ڪئي آهي ته گهر ڀاتين جي اطلاع ۽ نشاندهي تي ڪارروائي ڪئي وئي، ايڊم جي هڪ دوست گهر جي ٽئين ماڙ جي دريءَ مان ڏٺو ته آدم ڊي وو بستري تي ليٽل هو. ريسڪيو عملي گهر پهچي کيس مئل قرار ڏنو. ميڊيا رپورٽن موجب ڊيوڊ ايڊم وليمز 2012 ۾ پنهنجو مشهور چينل دي ڊيلي وو لانچ ڪيوهو . هن 5 سالن تائين روزانو بلاگنگ ڪئي، هن آمريڪا جي سڀني 50 رياستن جو سفر ڪيو،