| يوٽيوبر رجب بٽ ۽ وڪيلن ۾ سرچاءُ: ڪيس به ختم |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) يوٽيوبر رجب بٽ ۽ ڪراچي بار جي وڪيلن ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون، ڌرين هڪٻئي خلاف داخل ڪرايل ڪيس ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ رجب بٽ جي وڪيل ميان اشفاق ۽ ڪراچي بار جي اڳواڻن عامر نواز وڙائچ، رحمان ڪورائي ۽ ٻين سٽي ڪورٽ ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڌرين ۾ معاملا اتفاق راءِ سان طئه ٿي ويا آهن، عامر نواز وڙائچ چيو ته سٽي ڪورٽ وارو واقعو ڪراچي بار جي ساک خراب ڪرڻ لاءِ ڪرايو ويو هو، اسان 26 ۽ 27 هين ترميمن، پيڪا ايڪٽ توڙي ٻين مسئلن تي سرگرم رهيا آهيون،