يوڪريني حملو- عالمي سياست ۾ خطرناڪ موڙ

                 يوڪرين پاران آمريڪا جي ATACMS لانگ رينج ميزائلن سان روسي علائقن تي ڪيل خطرناڪ حملن جنگ کي هڪ نئين ۽ وڌيڪ خطري واري مرحلي ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي. واشنگٽن جي خاموش “گرين لائين” نه صرف يوڪريني حڪمتِ عملي بدلائي ڇڏي آهي، پر روس- آمريڪا ويڙهه کي به سڌي مداخلت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اهو قدم يورپ جي سلامتي، نيٽو جي پاليسي اختلافن، ۽ روس جي امڪاني جوابي ڪارروائين بابت وڏا سوال اٿاري ٿو. روسي فوج کي ٽارگيٽ ڪرڻ “ڊيپ اسٽرائڪ وارفيئر” ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. واشنگٽن روس کي ڳالهين جي ميز تي سوڙهو ڪرڻ ۽ سندس سيف زون کي ختم ڪرڻ لاءِ فورن يو ـ ٽرن وٺي يوڪرين کي اهڙا ميزائل استعمال ڪرڻ جي خاموش اجازت ڏئي جنگ کي نئين موڙ تي آڻي بيهاريو آهي. جنهن سان سفارتي ماحول وڌيڪ تنگ، ۽ عالمي طاقت جو توازن وڌيڪ غير يقيني بڻجي ويو آهي.

                 يوڪرين جي چيف آف جنرل اسٽاف سومر تي اعلان ڪيو ته انهن روسي علائقي اندر فوجي ٺڪاڻن تي آمريڪا جي ڏنل گائيڊڊ ميزائلن سان ٺيڪ نشاني تي حملا ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ اهي حملا مستقبل ۾ به جاري رهندا. چيف آف جنرل اسٽاف ايڪس تي پوسٽ ڪندي لکيو آهي ته اهي ٽيڪنيڪل ميزائل سسٽم اسان جي فوج ڪاميابي سان فائر ڪيا آهن. هي هڪ جنگي تاريخ جو تاريخي واقعو آهي، جيڪو يوڪرين جي خودمختياري لا انتهائي ضروري هو. ان تي روسي فوجي اڳواڻن ٽيليگرام تي هڪ پوسٽ ۾ لکيو آهي ته اڱاري تي ڏکڻ شهر وورونز ڏانهن چار ATACMS فائر ڪيا ويا، ۽ دعوا ڪئي ته اهي سڀئي S-400 ۽ Pantsir ايئر ڊفينس سسٽم طرفان روڪيا ويا. ڪريملين وڌيڪ الزام لڳايو ته سندن فوجن خارڪيف اوبلاسٽ ۾ انتقامي حملن دوران اسڪينڊر- ايم سان يوڪرين جي ٻن ATACMS لانچ گاڏين کي تباهه ڪيو آهي، پر ان جي ٻئي ڪٿان تصديق ناهي ٿي. ٻنهي ڌرين ان حملي جي نقصانن جا ڪي به تفصيل جاري ناهن ڪيا.

اهي حملا لڳ ڀڳ هڪ سال کان پوءِ ٿيا آهن، جڏهن آمريڪا يوڪرين تي آمريڪي لانگ رينج ميزائلن کي روس اندر حملن لاءِ استعمال ڪرڻ تي پابنديون هٽائي ڇڏيون هيون. ان کان اڳ ڊيموڪريٽڪ صدر جو بائيڊن ڪيف کي صرف يوڪريني علائقن اندر اهڙن ميزائلن جي استعمال جي اجازت ڏني هئي. بعد ۾ صدر ٽرمپ روسي صدر سان سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ لاءِ اهڙي فيصلي جي اجازت نه ڏني. ان دوران ڪريملن واشنگٽن کي خبردار به ڪيو هو ته جيڪڏهن لانگ رينج ميزائل استعمال ٿيا ته ان کي “ريڊ لائين ڪراس” پاليسي سمجهيو ويندو ۽ ان ۾ پوءِ پورو يورپ اسان جي حملن جي وڪڙ ۾ اچي ويندو. آمريڪا ان جنگ کي ويجهڙائي سان ڏسي رهيو آهي. ٽرمپ انتظاميا جيتوڻيڪ ان ميزائل حملي جي ميڊيا ۾ تصديق يا حمايت ناهي ڪئي پر اها ٽرمپ جي “يو- ٽرن پاليسي” جي هڪ ڪڙي آهي.

آمريڪي ATACMS ميزائلن جو روسي علائقي تي استعمال هڪ اهم سفارتي ۽ فوجي تبديلي جو اشارو آهي، جنهن سان يوڪريني جنگ جي حڪمت عملي به تبديل ٿي وئي آهي. ان جو مقصد روس جا بيس، ايئر فيلڊز، ۽ سپلائي سينٽر تباهه ڪرڻ آهي. ٽرمپ پاليسي فورن تبديل ڪندي چيو هو ته، “آمريڪا جو انهن ميزائلن سان ڪو به واسطو ناهي، اهي جتان به آيا هجن”، پر هن يوڪريني صدر زيلنسڪي سان ملاقات ۾ ان جي خاموشي سان منظوري به ڏئي ڇڏي.

مبصرن جو خيال آهي ته يوڪرين کي وڌيڪ طاقتور هٿيارن جو استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ روس تي هڪ مضبوط دٻاءُ واري حڪمت عملي آهي. هي دٻاءُ ڳالهين جي ميز تي پنهنجي پوزيشن کي بهتر بڻائڻ لاءِ يا روسي جارحيت کي روڪڻ لاءِ هڪ فوجي ليور طور ڪم ڪري سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي ٽرمپ ڳالهين کان اڳ ئي يوڪرين کي سرحدي علائقو خالي ڪرڻ جو به چيو آهي. عالمي دفاعي مبصرن ۽ حڪمت عملي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته واشنگٽن ڪريملن کي ڳالهين جي ميز تي ٽف ٽائم ڏيڻ لاءِ ائين ڪري رهيو آهي. ان سان گڏ روس جي سيف زون جو خاتمو به ڪري سگهجي، جيئن نيٽو ملڪن تي ڪو گهڻو خطرو نه بچي. دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته نيٽو ۽ آمريڪا روس کي يوڪرين سرحد ۽ روس جي اهم ايئر ڊفينس سسٽم جهڙوڪ S-400 ۽ Pantsir کي پوئتي ڌڪڻ آهي. عالمي سيڪيورٽي ماهرن ڪريملين يورپ کي ڏنل ڌمڪي کي سنجيدگي سان ڏسي رهيا آهن. اهي ملڪ روس جي نشاني تي اچي سگهن ٿا ۽ هو في الحال ايٽمي هٿيارن جو استعمال نه ڪندو. پر ٽرمپ روس سان ڳالهين لاءِ يوڪرين کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي.

آمريڪي ميڊيا جو گهڻو ڌيان وائيٽ هائوس جي پاليسي ۾ آيل خاموش تبديلي تي آهي. ٽرمپ جو اهو فيصلو تڪرار کي وڌائڻ جي هڪ خطرناڪ راند آهي. نيو يارڪ ٽائمز جهڙيون اخبارون سوال ڪن ٿيون ته روس ان کي ڪيئن ايٽمي حد (Nuclear Threshold) جي ويجهو حملا تصور ڪندو. ڪجهه مبصرن جو چوڻ آهي ته هيءَ اجازت يوڪرين کي معاملي ۾ برابري ڏئي ٿي. برطانوي اخبارون دي گارجيئن ۽ فنانشل ٽائمز ان کي يورپي سلامتي ۽ سفارتي موڙ قرار ڏين ٿيون. فنانشل ٽائمز موجب، هي قدم يوڪرين جي دفاع کي مضبوط ڪرڻ جي يورپي اتحادي ملڪن جي خواهش سان هم آهنگ آهي. برطانيه، پولينڊ ۽ ٻين ملڪن گهڻي وقت کان آمريڪا تي زور ڀريو هو ته اهي پابنديون ختم ڪيون وڃن، جڏهن ته گارجيئن جو تجزيو آهي ته روس جي تازي دٻاءُ ۽ فوجي ڪمزوريءَ کي ڏسندي، آمريڪا شايد اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته روس پاران وڏي غير روايتي انتقامي ڪارروائي جو خطرو گهٽ آهي.

اڪثر وچ اوڀر ۽ ايشيائي ميڊيا جو ڌيان آمريڪا ۽ روس جي مستقبل جي رشتن تي آهي. ڪجهه چيني ۽ وچ اوڀر جي ميڊيا رپورٽ ڪن ٿا ته هي قدم ٽرمپ انتظاميه لاءِ هڪ پيچيده سگنل آهي. ٽرمپ هڪ طرف روس سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، پر ٻئي طرف يوڪرين کي اهڙي لانگ رينج صلاحيت ڏئي ٿو، جيڪا روس کي سڌو چيلنج ڪري ٿي. اهي تجزيا عالمي هٿيارن جي تجارت ۽ نئين ٽيڪنالاجي جي اهميت کي به اجاگر ڪن ٿا. ATACMS جو استعمال ٻين تڪرارن لاءِ هڪ مثال(Precedent)  قائم ڪري سگهي ٿو، جتي ملڪ پنهنجن دشمنن جي علائقي ۾ وڏن حملن لاءِ زور ڀريندا آهن. عالمي اخبارن جو مجموعي تجزيو آهي ته هي واقعو اهم، خطرناڪ، ۽ جنگ جو رخ بدلائيندڙ آهي. اها هڪ سفارتي چال آهي، جنهن جو مقصد روس تي فوجي دٻاءُ وڌائڻ آهي، جڏهن ته هڪ ئي وقت تي تڪرار ۾ شدت جو خطرناڪ عنصر پڻ شامل آهي. هيءَ اجازت يوڪرين کي وڙهڻ جي هڪ نئين طاقت ڏئي ٿي، پر ان جو وڏو ۽ آخري اثر روس جي ردعمل تي منحصر هوندو. ان سان لوڪل فرنٽ لائين بدران جنگ هاڻي “Deep Strike Warfare” ۾ تبديل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ٻئي ڌريون هڪ ٻئي کي نشانو بڻائين ٿيون. روس ان کي “جنگ جو نئون مرحلو” قرار ڏئي رهيو آهي. گارڊين موجب ATACMS ميزائلن جي رينج تقريباً 300 ڪلوميٽر آهي ۽ اهي بيليسٽڪ هوندا آهن. مطلب ته اهي هوا ۾ مٿي وڃي ڪري پوءِ تيز رفتاري سان زمين تي ايندا آهن، جيڪو دفاعي نظام لاءِ چئلينج ٿي سگهي ٿو. Euronews پڻ بيان ڪري ٿي ته ATACMS ۽ برطانوي/فرينچ “Storm Shadow”  ميزائلز سان يوڪرين کي نئين طاقت ملي آهي. هاڻ هو روس جي ڏورانهن علائقن کي سولائي سان نشانو بڻائي سگهن ٿا. او ايس ڊبليو (OSW Centre for Eastern Studies)  تجزيه نگار لکن ٿا ته يوڪرين کي ATACMS  استعمال ڪرڻ جي “گرين لائيٽ” ملي آهي. يوڪريني تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته تقريباً 250 اهم روسي فوجي ٽارگيٽس ATACMS  جي رينج اندر اچن ٿا. رپورٽون آهن ته روس نئين نيوڪليئر ڊاڪٽرائن ۾ ترميم ڪئي آهي، جنهن جو مطلب آهي ته روس ان کان وڌيڪ خطرناڪ هٿيارن جو استعمال ڪري سگهي ٿو. ڊبليو ڊي (DW) ۾ هڪ اڳوڻي يوڪريني وزير اعظم چيو آهي ته ATACMS  جو استعمال “چانديءَ جي گولي” نه آهي. ڊان اخبار لکيو آهي ته آمريڪا هڪ نئين فرنٽ کولڻ جي اجازت ڏني آهي، جنهن سان يورپ ۾ جنگ وڌڻ جو خطرو وڌي ويو آهي. وڏيون جنگيون هاڻ “ٽيڪنالاجي جي طاقت” سان وڙهيون وڃن ٿيون. ان ڪري ننڍن ملڪن کي پاڻ بچائڻ لاءِ اهڙن معاملن کان پاسو ڪرڻ گهرجي. آمريڪي پاليسي جي تبديلي تي جرمني ۽ فرانس پريشان آهن. عرب تجزيو ڪندڙن جو چوڻ آهي ته “جنگ هاڻي حدون ٽپي رهي آهي”. چين جو چوڻ آهي ته آمريڪا ان جنگ کي هٿ سان ڊگهو ڪرڻ چاهي ٿو. چين محسوس ڪري رهيو آهي ته واشنگٽن پراڪسي جنگي ماڊل کي ٻيهر هٿي ڏئي رهيو آهي. ان سان انهن جي تائيوان پاليسي به واضح ٿيندي پئي وڃي. آمريڪا جنگ کي نئين مرحلي ۾ وٺي ويو آهي. هي قدم عالمي سياست ۽ مستقبل جي امن ڳالهين تي ڊگهي مدي وارا اثر ڇڏيندو. ان سان نيٽو اتحاد ۾ ڏار پوندا. عالمي توانائي ۽ تيل مارڪيٽ متاثر ٿيندي. مهانگائي وڌنڌي. ترڪي، ايران، چين، اسرائيل ۽ آمريڪا هٿيارن جي ان ڊوڙ ۾ اڳتي نڪرندا۔ ماهرن جو خيال آهي ته جنگ جي ميدان جا نوان هنڌ بيلاروس جي سرحد، بليڪ سي ۾ ڊرون وار ۽ قفقاز ۾ روس-نيٽو پراڪسي ٽڪر شروع ٿي سگهي ٿو. جنگ وڌيڪ خطرناڪ، ٽيڪنالاجي، ڊگهي ۽ روس-آمريڪا سڌي ٽڪراءَ جي ڪناري تي پهچي چڪا آهن۔ دنيا هڪ نئين قسم جي پراڪسي جنگ ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جنهن جا اثر يورپ ۽ ايشيا ٻنهي تي پوندا۔ امن جا دروازا بند نه آهن ــ پر تمام گهڻو سوڙها ٿي رهيا.