| يوڪرين تي 500 ڊرونز ۽ 40 ميزائل حملا، توانائي ٺڪاڻا متاثر |
ڪيف (م ڊ) روس يوڪرين تي 500 ڊرونز ۽ 40 ميزائلن سان حملو ڪري ڏنو، نتيجي ۾ توانائي ٺڪاڻا متاٿر رهيا، هڪ شخص مارجي ويو، ڪيترائي زخمي ٿي پيا، هزارين گهرن جي بجلي بند ٿي وئي. يوڪريني صدر ولودومير زيلنسڪي جو چوڻ آهي ته روس رات دير سان بدترين بمباري ڪئي توانائي ۽ شهري انفرا اسٽرڪچر کي نشانو بڻايو، ايڪس تي جاري پيغام ۾ هن چيو ته روسي حملن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ماسڪو جنگ جو خاتمو نٿو چاهي.