يوڪرين روس سان جنگبندي جو آمريڪي منصوبو قبولي ورتو

  يوڪرين روس سان جنگبندي جو آمريڪي منصوبو قبولي ورتو

ڪيف (م ڊ) يوڪرين روس سان جنگ ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪا سان امن معاهدي  جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته روس يوڪرين ۾ اڳڀرائي جاري رکندي ان باري ۾ ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو. هي مسودو گذريل هفتي آمريڪا پاران ڪيف کي پيش ڪيل 28 نقطن واري منصوبي تي ٻڌل آهي، جنهن تي جنيوا ۾ آمريڪي ۽ يوڪريني عملدارن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي. سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته منصوبي ۾ ٻنهي پاسن جي تجويزن جي بنياد تي ترميم ڪئي وئي آهي. صدر ٽرمپ چيو ته هن پنهنجي خاص سفير اسٽيو وِٽڪوف کي هدايت ڪئي آهي ته هو ايندڙ هفتي ماسڪو ۾ روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقات ڪري، جڏهن ته آمريڪي پرڏيهي وزير جي هن هفتي يوڪريني اڳواڻن سان ملاقات ڪرڻ جي اميد آهي. يوڪريني صدر وولوديمير زيلنسڪي چيو ته هو باقي حساس معاملن تي بحث ڪرڻ لاءِ ٽرمپ سان ملاقات ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. ٻئي طرف روس ان باري ۾ ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو ۽ يوڪرين ۾ جنگ جاري رکندي اڳڀرائي ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.