| يوڪرين عربن کي ڊرون کان بچائڻ لاءِ ماهر موڪلي ڇڏيا |
ڪيف (م ڊ) يوڪرين ايراني ڊرونز مقابلي لاءِ پنھنجا ماھر عرب ملڪن ڏانھن اماڻيا آھن جن جي بدلي پئسا ۽ ٽيڪنالاجي طلب ڪئي وئي آھي. يوڪرين جي صدر وولودومير زيلنسڪي چيو آھي تھ ڊرون کان بچاءُ لاءِ مدد جي بدلي ۾وچ اوڀر جي ملڪن کانپئسا ۽ ٽيڪنالاجي چاهيون ٿا. چئن عرب ملڪن ۾ انھن ماھرن کي اماڻيو ويو آھي. زيلنسڪي ٻڌايو ته وچ اوڀر ڏانهن موڪليل هر ٽيم ۾ درجنين ماڻهو شامل هئا، جيڪي ماهر جائزو وٺڻ ۽ اهو ڏيکارڻ جي قابل هوندا ته ڊرون کان دفاع ڪيئن ڪرڻ گهرجي.