يوگا ماسٽر ڪراڙي عورت نوجوان کي ٻڏڻ کان بچائڻ ۾ ڪامياب

يوگا ماسٽر ڪراڙي عورت نوجوان کي ٻڏڻ کان بچائڻ ۾ ڪامياب

بيجنگ (انٽريسٽنگ نيوز) هڪ 71 سالن جي عورت هڪ نوجوان کي درياهه ۾ ٻڏڻ کان بچائي خاموشي سان غائب ٿي وئي. اهو واقعو چين جي ان هوئي صوبي جي شهر سوئيڪسي ۾ پيش آيو، جتي هڪ نوجوان خانداني مسئلن کان تنگ اچي درياهه ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي. اهو واقعو 13 جولاءِ تي پيش آيو جڏهن همراههه پل تان درياهه ۾ ٽپو ڏنو. ان وقت، ليو ڊيفانگ نالي 71 سالن جي عورت پل جي ويجهو دوستن سان ڳالهيون ڪري رهي هئي ۽ ماڻهن کي اهو چوندي ٻڌو ته ڪو درياهه ۾ ڪري پيو آهي. عورت فوري طور تي ڊوڙي لائيف بوٽ کي پڪڙيو ۽ پاڻي ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو. ليو ڊيفانگ چيوته پهرين مون سوچيو ته اهو هڪ ننڍڙو ٻار آهي پر جڏهن مان ويجهو تري ويس ته مون کي احساس ٿيو ته اهو 30 سالن کان وڌيڪ عمر جو مرد آهي. رپورٽ موجب ان شخص جيئڻ نه پئي چاهيو هو ۽ پاڻ کي ليو ڊيفانگ کان آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو پر عورت کيس قابو جهليو. عورت کي درياهه مان مرد کي ڪڍڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي هئي ۽ هو ٿڪل محسوس ڪرڻ لڳي پر ڪنهن طرح ان کي ڪناري تي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، جتي ٻن ماڻهن کيس خشڪ زمين تي آڻڻ ۾ مدد ڪئي. ماڻهوءَ جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ کان پوءِ، عورت ڪجهه به چوڻ کان سواءِ خاموشي سان هلي وئي. پوليس بعد ۾ عورت کي ڳولي ورتو. جڏهن اهي وڊيوز سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪيون ويون ته ليو ڊيفانگ جي وڏي ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ کي سڃاڻي ورتو ۽ پوليس سان رابطو ڪيو ۽ اهڙي طرح عورت دنيا جي سامهون آئي. ليو ڊيفانگ رٽائرمينٽ کان پوءِ ترڻ سکيو ۽ يوگا ڪئي.