يوگنڊا ۾ دهشتگردن جو اسڪول تي حملو، ٻارن سميت 40 ڄڻا مارجي ويا

جُون 17, 2023

ڪمپالا(م ڊ) يوگنڊا ۾ سرحد ويجهو اسڪول تي دهشتگردن جي حملي ۾ ٻارن سميت 40 ڄڻا مارجي ويا آهن

 ان ڏس ۾پرڏيهي ميڊيا موجب ته يوگنڊا ۾ ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف ڪانگو جي سرحد ويجهو واقع اسڪول تي دهشتگردن حملو ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 40 ماڻهن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي

 جن ۾ اڪثريت ٻارن جي آهي، جڏهن ته ڇوڪريون به اغوا ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي، ميڊيا رپورٽن موجب يوگنڊا جي هڪ گروپ الائيڊ ڊيموڪريٽڪ فورسز جي ميمبرن جو چوڻ آهي ته اسڪول تي حملي ۾ داعش جي ملوث هجڻ جو شڪ آهي

 حملي آورن عمارت کي باهه ڏئي ساڙيو ۽ کاڌي پيتي جو سامان به کڻي ويا، باهه لڳڻ سبب ڪيترائي شاگرد سڙي فوت ٿي وياآهن

پوليس جو چوڻ آهي ته حملي کانپوءِ اسڪول مان 25 ڄڻن جا لاش ڪڍي اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 8 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جن کي اسڪول مان ڪڍيو ويو آهي

پوليس موجب اڃا تائين اهو واضح ناهي ٿيو ته حملي ۾ مارجي ويلن ۾ ڪيترا شاگرد آهن

 ۽ انهن جي عمر ڪيتري آهي. ڪجهه لاش ايترو ته سڙي ويا آهن جو انهن جي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي استعمال ڪيو ويندو

 يوگنڊا جي بچاءَ واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته يرغمالين کي بازياب ڪرائڻ لاءِ فورسز پاران حملي آورن جو سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي

Leave A Comment