يو ايس اوپن: ريباڪينا ۽ دفاعي چيمپئن سبالينڪا فائنل ۾ آمهون سامهون

يو ايس اوپن: ريباڪينا ۽ دفاعي چيمپئن سبالينڪا فائنل ۾ آمهون سامهون

نيويارڪ(اسپورٽس نيوز) عالمي نمبر هڪ ريباڪينا ۽ دفاعي چيمپيئن سبالينڪا فائنل ۾ آمهون سامهون، يو ايس اوپن وومينز سنگلز جي فائنل ۾ عالمي نمبر هڪ ايلينا ريباڪينا ۽ دفاعي چيمپيئن آرينا سبالينڪا وچ ۾ ٽائيٽل لاءِ دلچسپ مقابلو ٿيندو. سيمي فائنل ۾ قازقستان جي ريباڪينا سخت مقابلي کانپوءِ آمريڪي اسٽار ڪوڪو گاف کي 6-3، 4-6، 4-6 تان شڪست ڏئي پهريون ڀيرو يو ايس اوپن جي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي. گاف پهرين سيٽ ۾ شاندار راند جو مظاهرو ڪندي برتري حاصل ڪئي، جڏهن ته ريباڪينا ٻئي سيٽ ۾ آمريڪي رانديگرياڻي جي ڪجهه غلطين مان فائدو وٺندي مقابلو برابر ڪري ڇڏيو. فيصلائتي سيٽ ۾ ريباڪينا پنهنجي طاقتور شاٽس ذريعي دٻاءُ وڌايو ۽ ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتو. هن ڪاميابي سان گڏ هوءَ اڳ ئي نئين عالمي نمبر هڪ بڻجڻ جي پوزيشن حاصل ڪري چڪي آهي. ٻئي سيمي فائنل ۾ سبالينڪا آمريڪا جي جيسيڪا پيگولا کي 5-7 ۽ 2-6 تان شڪست ڏني. سبالينڪا لڳاتار چوٿين سال يو ايس اوپن جي فائنل ۾ پهچندڙ رانديگرياڻي بڻجي وئي آهي ۽ نيويارڪ ۾ لڳاتار ٽيون ٽائيٽل کٽڻ جي ڪوشش ڪندي. ريباڪينا هن سال آسٽريلين اوپن جي فائنل ۾ سبالينڪا کي شڪست ڏئي چڪي آهي، تنهن ڪري يو ايس اوپن فائنل هڪ ٻي سنسني خيز مقابلي جي نويد ڏئي رهيو آهي.