| يو اي اي مان مخصوص پاڪستانين جي نيڪالي افواهه قرار |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گهرو وزارت يو اي اي مان پاڪستانين جي نيڪالي بابت خبرن کي ڪوڙو ۽ بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو. پڌرائي مطابق حڪومت مخصوص پاڪستانين جي نيڪالي بابت افواهن کي رد ڪري ٿي. نيڪاليون صرف قانوني ڀڃڪڙين تي ٿي رهيون آهن، پاڪستاني شهري اڃا به قانوني ويزائن تي پرڏيهه سفر ڪري رهيا آهن، جعلي خبرن جو مقصد عوام ۾ خوف ۽ بي يقيني ڦهلائڻ آهي. حڪومت سوشل ميڊيا پروپيگنڊا کي بدنيتي تي ٻڌل مهم قرار ڏنو ڏيندي چيو ته هر پاڪستاني جي معاملي کي سفارتي ذريعن وسيلي الڳ بنيادن تي ڏٺو ويندو آهي، غير قانوني رهائش ۽ جعلي دستاويزن تي ڪارروايون معمول جو حصو آهن، دوست ملڪن سان تعلق معمول موجب جاري آهن.