يو اي اي کي شڪست: پاڪستان انڊر 19 ايشيا ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو

يو اي اي کي شڪست: پاڪستان انڊر 19 ايشيا ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو

دبئي (اسپورٽس نيوز)  پاڪستان انڊر 19 ايشيا ڪپ جي سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي. دبئي ۾ کيڏيل انڊر 19 ايشيا ڪپ ۾ پنهنجي سڀ کان اهم ميچ ۾ پاڪستان يو اي اي کي فتح لاءِ 242 رنسن جو ٽارگيٽ  ڏنو،احمد حسين 65، سمير منهاس 44، حمزه ظهور42 ۽ حذيفه 23 رنسون ٺاهيون، يو اي اي جي ٽيم پاڪستان پاران ڏنل 242 رنسن جي جواب ۾ 37.5 اوورن ۾ 171 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.ايان مصباح جي 77 رنسن جي اننگز بيڪار رهي، پرٿوي ماڌو 27 رنسن تي آئوٽ ٿيو، ڪپتان ياين ڪرن راءِ 13 رنسون ٺاهيون. يو اي اي جا 7 رانديگر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿي سگهيا.پاڪستان طرفان عبدالسبحان 7.5 اوورن ۾ 31 رنسن تي چار رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، مومن قمر ۽ احمد حسين هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.