ييلولائين اسڪينڊل: ضمير عباسي هٿڪڙين سان پيش: ٺيڪو نئين ٺيڪيدار کي ملڻ جي دعويٰ   

  ييلولائين اسڪينڊل: ضمير عباسي هٿڪڙين سان پيش: ٺيڪو نئين ٺيڪيدار کي ملڻ جي دعويٰ   

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ييلو لائين منصوبي ۾ ساڍا 8 ارب رپين جي ڪرپشن جي الزام هيٺ گرفتار اڳوڻي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ضمير عباسي جي جسماني ريمانڊ ۾ 4 ڏينهن جي واڌ ڪري اينٽي ڪرپشن حوالي ڪري ڇڏيو، عدالت حڪم ڏنو ته جوابدار کي ايندڙ ٻڌڻي تي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ آڏو پيش ڪيو وڃي،اينٽي ڪرپشن ضمير عباسي کي هٿڪڙيون هڻي عدالت آڏو پيش ڪيو، ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر چيو ته 9 ۽ 10 محرم الحرام جي موڪلن سبب جوابدار کان جاچ مڪمل ناهي  ٿي، ڪيس ۾  نامزد جوابدار جهامن داس جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا ويا پر کيس گرفتار نه ڪري سگهيا آهيون، هن چيو ته جاچ دوران سي ايم آءِ ٽي انڪوائري جي تصديق ٿي آهي، عدالت پڇاڻو ڪندي چيو ته جوابدار جو بيان رڪارڊ جو حصو ڇو ناهي بڻايو؟ آخر ڪهڙي قسم جي جاچ ڪئي اٿئو ؟ جنهن تي جاچ آفيسر جواب ڏنو ته جوابدار پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي، ضمير پنهنجن بئنڪ اڪائونٽن بابت  معلومات فراهم نه ڪئي آهي, جوابدار جي وڪيل چيو ته  جاچ آفيسر کان پڇيو وڃي ته ضمير خلاف ڪهڙا ثبوت حاصل ڪيا ويا آهن؟ ساڍا اٺ ارب رپين تي منافعي وٺڻ جي الزام بابت ڪهڙو رڪارڊ حاصل ڪيو ويو آهي؟ عبوري پيش رفت واري رپورٽ ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي؟ اها عدالت کي ٻڌائي وڃي. وڪيل جو چوڻ هو ته حڪومت نئون ٺيڪيدار مقرر ڪيو آهي، شرط به ساڳيا آهن، رڳو ٺيڪيدار جو نالو تبديل ٿيو آهي, ان موقعي تي ضمير عباسي چيو ته مون سمورو رڪارڊ پاڻ فراهم ڪيو آهي, اهي دستاويز عوامي دستاويز آهن، مون کان سوال ڪيو ويو ته ساڍا 8 ارب رپيا ڪٿي آهن؟ مون انهي جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي, هن وڌيڪ چيو ته ورلڊ بينڪ چيو هو ته ڊسپرسمينٽ وڌايو، نه ته پئسا جاري نه ڪيا ويندا, هن چيو ته پراجيڪٽ جو  ڪنسلٽنٽ( صلاحڪار) ڊپٽي سيڪريٽري جو ڀاءُ آهي هن سوال اٿاريندي چيو ته ڇا جاچ مڪمل ٿيڻ تائين مان حراست ۾ ئي رهندس؟ هن وڌيڪ چيو ته اينٽي ڪرپشن جو سمورو زور صرف انهي ڳالهه تي آهي ته مون کي هٿڪڙي لڳائي وئي يا نه؟