پاڻ گھرن ۾ ويٺي پاڙو اوڙي ۾ ٻاھران مختلف شين جا ھوڪا اڪثر ٻڌندا آھيون، ِڪي ڌيان ڇڪائي نہ سگھندا آھن، ڪي وري اھڙا ھوندا آھن، جو ٻاھر وڃي ھوڪو ڏيندڙ کي ڏسڻو پوندو آھي تہ ِاھو ڪھڙوآھي؟ جڏھن تہ ڪجھ آواز پري کان ئي سڃاڻي وٺجن ٿا. پوئين ھڪ سال کان نون صوبن جي نالي تي سنڌ ورھائڻ جون ڳالھيون ٿي رھيون آھن، ھر ايرو غيرو نٿو خيرو اچي فرمائي ٿو تہ ٻيو ڀلي ڪجھه ڪريو يا نہ ڪيو پر ڪراچيءَ کي صوبو بڻايو يا وري ان کي وفاق حوالي ڪريو، ان ڪري سنڌي ردِعمل ۾ چوندا آھن تہ، ”نون صوبن جو تہ بھانو آ، سنڌ اصل نشانو آ.“ پنجاب جي گاديءَ واري شھر لاھور مان جڏھن واپاري ميان عامر محمود اھا راڳڻي شروع ڪئي يا سندس ذريعي شروع ڪرائي وئي تہ ڪنھن نئين ھوڪي واري جي آواز کي پرکڻ جيان ٻاھر نڪري ڏسڻو پيو تہ اھو وري ڪھڙو مڙس آھي؟ ائين پوءِ اھي آواز يا کڻي چئجي تہ، ”سنڌ ورھايو، سنڌ ورھايو“ جا ھوڪا ڏيندِڙ وڌندا ويا، جن پوء ڪراچي ڏانھن منھن ڪيو، اھڙا اھڙا ماڻھو سنڌ ٽوڙڻ جا مطالبا ڪري رھيا ھئا ۽ اڃا بہ ڪن پيا، جن کي شايد پنھنجي پاڙي وارا بہ غور سان ڏسڻ بعد سڃاڻڻ ۾ ناڪام ٿين. جڏھن ٽاسڪ ڏيندڙن ڏٺو اھي تہ صفا ڪم جا ناھن ۽ سنڌ مان مزاحمت سخت آھي تہ ھنن وفاق جي نمائندي طور گورنر ھائوس ۾ ويھاريل ڪامران ٽسوريءَ کي سرڪاري طاقت سان حرڪت ۾ آندو، جنھن سان اھڙي جُٺ ٿي جو سڄي عمر ياد رکندو تہ سنڌ ڪئين وڙھندي ۽ عھدا کسرائيندي آھي؟ اھاِ ئي قدرتي طور وجود ۾ آيل سنڌ جي ڪرامت آھي جو ان کي ورھائڻ جا خواھشمند نہ رڳو پاڻ ۾ وڙھن پيا پر ٽڪرن ۾ ورھائجن بہ پيا. انھن سمورن حربن بعد وفاقي گھرو وزير محسن نقوي طرفان لاھور مان شروع ٿيل راڳ ڪنھن نئين سُر سان ڳائڻ جي ڪوشش ٿي، جنھن کي سنڌ سميت سڄي ملڪ جي باشعور ماڻھن فوري طور َست سريون ٻڌايون. ان دوران ميري عزيز ھم وطنو جيان پاڪ فوج جي ترجمان انٽري ڏني، يا کڻي چئو تہ ھوڪو ڏنو. ھي اھو ھوڪو آھي، جنھن کان پياري پاڪستان، خاص طور سنڌ جي ماڻھن جا ڪن چڱي ريت واقف آھن، ڇاڪاڻ
تہ جنرل ايوب کان جنرل پرويز مشرف تائين ڏنل ھوڪا ڪنھن ٻئي لاءِ نہ پر سنڌ وارن کي مخاطب ٿي ڏنا ويا.
آءِ ايس پي آر جي ترجمان جي پريس بريفنگ جيتوڻيڪ ملڪ جي ڇڪتاڻ سٽيل مختلف علائقن ۾ ھلندڙ پاڪ فوج جي آپريشن ۽ بلوچستان جي حالتن بابت ھئي، پر سمجھڻ وارا سمجھي ويا تہ ان جو مک نقطو نون صوبن لاءِ ھلندڙ بحث وارو ھو، جنھن ۾ محسن نقوي جي بيان کي اڳتي وڌائي، ان تاثر ۽ سينئر صحافي نجم سيٺي جي چيل ڳالھه کي ھٿي ملي تہ محسن نقوي جي واتان نڪرندڙ ھر ڳالھه فيلڊ مارشل جي ھوندي آھي، ان ڪري ھڪ تقريب کي خطاب دوران جڏھن ھن نوان صوبا ھر حال ۾ ٺاھڻ جي ڳالھه ڪئي تہ ان سان اھو پيغام ڏنو پئي ويو تہ اھو فيلڊ مارشل چاھي ٿو، جنھن تي جڏھن ھڪ ئي رات ۾ سخت رد عمل آيو تہ ٻئي ڏھاڙي آءِ ايس پي آر جي ترجمان آبادي چئوڻ تي وڌڻ جي ساڳئي ڳالھه ڪري باضابطہ تصديق ڪئي تہ فيلڊ مارشل وڌنڌڙ آبادي سبب صوبا ٽوڙي پاڪستان کي نئين طريقي سان جوڙڻ چاھي ٿو، انھيءَ ڪري دانش مھدي جي ان َتڪيہ ڪلام تہ صاحبو، مھربانو ۽ قدردانو ٻنھي طاقتورن جي بيانن بعد ھر پاسي تبصرن جو اڻکٽ سلسلو شروع ٿي ويو آھي. ھن وقت تازي صورتحال اھا آھي جو حڪومت کان ويندي مخالف ڌر تائين نون صوبن جو معاملو مڪمل طور تڪرار جي شڪل اختيار ڪري چڪو آھي. اھا ٻي ڳالھ چئبي تہ ڪجھه نالي چڙھيل ۽ ڪجھہ سرڪاري آشيرواد رکندڙ صحافي ۽ اينڪر پرسنز پنھنجي پاران نوان صوبا ٺاھي، پروگرامن ۾ نقشا پڻ ڏيکاري چڪا آھن، ڪي چون ٿا 12 صوبا ٺھن پيا ۽ ڪو وري ھر ڊويزن کي صوبو بڻائڻ جي خبر، خوشخبري واري انداز ۾ بيان ڪري اھو محسوس ڪرائي پيو تہ ھن ان بريڪنگ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي آھي، ان کي سنڌي ۾ چوندا آھن: ”جيترا وات، اوتريون ڳالھيون.“ سنڌ مان ھونئن تہ ھر ماڻھوءَ جو رد عمل تاريخي ۽ شاندار آھي، پر نصير ميمڻ صاحب جو اھو تبرو وڻيو تہ سٺ واري ڏھاڪي ۾ خيال آين تہ ون يونٽ ھڻي ملڪ کي مضبوط ڪجي ۽ 60 سالن بعد 2026 ۾ کين خيال آيو تہ ملڪ کي وڌيڪ حصن ۾ ورھائي متحد ڪجي. سينئر صحافي سھيل وڙائچ جي پوسٽ جي بہ وڏي واکاڻ ھلي پئي، جنھن ۾ ھن چيو آھي تہ جن صوبن ملڪ ٺاھيو، ان کي ڪئين ٿا ٽوڙي سگھو. سڀني کي ياد ھوندو ِتہ اُھو سھيل وڙائچ آھي، جنھن پنھنجي ٽي وي پروگرام ۾ چيو ھو تہ ڪراچي ۾ صوبي بڻجڻ جون سموريون صلاحيتون آھن. سندس ان بيان تي شديد ردعمل آيو ھو، ٻين سميت اسان بہ ميسيج ذريعي سندس خلاف مھم ھلائي. آخر ھن رابطو ڪري چيو ھو تہ اھو ميسج ھلايو تہ شام جو پروگرام ۾ پنھنجي ڳالھه تي سنڌ جي عوام کان معافي وٺندس. نجم سيٺي بہ اڪثر “ڪراچي اور سنڌ” لکندو ۽ چوندو آھي، ان تي پڻ اعتراض ڪيوسين. چيائين: ايترا حساس نہ ٿيو، اھو سمجھائڻ لاءِ چوندا آھيون. موٽ ۾ کين چيو تہ پوءِ “لاھور اور پنجاب” ڇو نہ چوندا آھيو؟ ھن وقت ھو ٻئي پاسي وھي پيو، جتي صوبن جي تاريخي حييثت جا حوالا ڏئي ان ورڇ کي ڏکيو قرار ڏئي ٿو تہ اتي وري ڊويزنل سطح تي 37 صوبا ٺاھڻ واري خبر ڏئي واڳ ڌڻين جو پيغام عام بہ ڪري رھيو آھي، جئين ھڪ انگريزي اخبار ايڊيٽوريل لکي نون صوبن جي حمايت ڪئي. سنڌ مان مظھر عباس، محمود شام، فاضل جميلي ۽ امتياز فاران سنڌ سان بيٺل آھن، ملڪي سطح تي وري اياز امير، طلعت حسين ۽ حامد مير جو ڪردار ھاڪاري آھي.
ھن وقت پاڪستان ۾ سڀ کان اھم موضوع نون صوبن جو معاملو آھي، انھيءَ ڪري ايم ڪيو ايم کي ڇڏي اٽڪل سموريون سياسي پارٽيون ان جي مخالفت ڪن پيون. پ پ کليل نموني، ن ليگ دٻيل، تحريڪ انصاف ٻڏتر، جڏھن تہ سنڌ جا سمورا قومپرست روايتي نموني مزاحمتي انداز ۾ سڌي ريت آواز ٿارين پيا، پر ان سڄي رد عمل باوجود ٻڌڻ ۾ اچي پيو تہ ”طاقتور“ صدين جي تاريخ رکندڙ سنڌ سميت ٻين صوبن کي ورھائڻ لاءِ مشورا ڪن پيا، ان سڄي منظر نامي ۾ جيڪڏھن ڪي مڪمل طور خاموش آھن تہ ُاھي سنڌ جا وڏيرا، جاگيردار، ڀوتار ۽ مير توڙي پير آھن، جن تي ڪو بہ اعتبار بہ ناھي. ون يونٽ مھل ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي کي ڇڏي حيدر آباد ۾ گھرايل سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس دوران حمايت ۾ ٺھراءُ پاس ڪري سنڌ جي سڃاڻپ ختم ڪندڙ بہ ِاھي وڏيرا ،جاگيردار ۽ ڀوتار اڳڀرا ھئا، جن سنڌ کي پٺيءَ ۾ خنجر ھنيو. اڄ اٽڪل ھر ضلعي مان انھن جو نسل موجود آھي، ان ڪري چھرا تہ مٽيل آھن پر سندن اقتدار جي بک ۽ مفاد ساڳيا وڏڙن وارا آھن. اھي ايوب، يحيي` ۽ ضياءَ کان مشرف تائين وڪاميا آھن، ھاڻ جڏھن سڄي سنڌ ڳالھائي پئي تہ انھن جي اڪثريت خاموش رھي صورتحال جو جائزو وٺي رھي آھي. ڪي تہ نون صوبن جي آسري وڏ وزارتن لاءِ لابنگ بہ ڪندا ھوندا. ڏسجو جيڪڏھن نوان صوبا نٿا ٺھن تہ اھي آخر تائين خاموش رھي پڪ ٿيڻ بعد سامھون ٿي سنڌ سنڌ ڪندا. ِانھن وڏيرن جي، آمرن آڏو حيثيت سدائين ”براءِ فروخت“ واري رھي آھي.
نون صوبن جي راڳڻي جي پڄاڻي ميان عامر محمود ۽ ڪامران ٽسوري کان ٿيندي ايم ڪيو ايم جي وڙھڻ تي ٿي چڪي ھئي، پر آءِ ايس پي آر ترجمان جي بيان سڀني مئلن ۾ ساھ وجھي ڇڏيو آھي، ان ڪري ھن وقت نون صوبن واري معاملي تي فيصلائتو رائونڊ ھلي رھيو آھي، جنھن کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي ماڻھن ۽ سنڌ پرست قيادت کي سدائين جيان ثابت قدم رھڻو پوندو، اھو انڪري جو ٻيا صوبا ۽ انھن جون قيادتون شايد اھو رد عمل نہ ڏين، جيڪو سنڌ جو ھجي، ڇاڪاڻ تہ پنجاب ۾ سرائيڪي، خيبر پختونخوا ۾ ھزارا ۽ بلوچستان ۾ پشتونن جا معاملا تاريخي حوالي سان سنڌ کان تبديل آھن، سنڌ رڳو سنڌين جو مادر وطن آھي، جتي پناھگيري جي بنياد تي ڌار صوبي جي ڳالھه آئيني، قانوني ۽ شرعي حساب سان ڪا حيثيت نٿي رکي. انھيءَ ڪري سنڌ اھڙي ڪنھن بہ ھوڪي ڏانھن ڌيان نہ ڏيندي، جنھن سان سندن قدرتي طور خلقيل وطن ۾ ڪو ڏار وجھڻ جي ڪوشش ڪري. سنڌ سمجھي ٿي تہ پنجاب، بلوچستان، خيبرپختونخوا ۽ سنڌ پاڪستان جون تاريخي وحدتون آھن، جن پاڪستان کي جنم ڏنو، جتي سنڌي، بلوچ، پنجابي ۽ پختون رھن ٿا، شايد انھيءَ جي اعتراف ۾ پاڪ فوج ۾ پاڪستانيت جي نعري باوجود سنڌ ريجمنٽ، پنجاب ريجمنٽ، بلوچ ريجمنٽ، يا رينجرز ۾ سچل رينجرز ۽ ڀٽائي رينجرز جا نالا رکيل آھن، ان ڪري اھو چوڻ حقيقت کان منھن موڙڻ برابر آھي تہ ”اسان جي پهرين ۽ آخري سڃاڻپ پاڪستاني هجڻ گهرجي، پنجابيت، بلوچيت، پختونيت ۽ سنڌيت کي ترجيح نه ڏيڻ گهرجي.“ ڏسجي ته پنجاب مان نون صوبن لاء شروع ٿيل دنگل دوران راولپندي ۾ ٿيندڙ فيصلائتي رائونڊ جا ڪھڙا نتيجا نڪرن ٿا، سنڌ پنھنجي بقاء لاء ھر حال ۾ مزاحمت ڪندي.