| ٺاروشاهه: يتيم نينگري جون وڊيو اوباش ٽڪ ٽاڪ تي رکي ڇڏيون |
ٺاروشاھه(ن پ ا) ٺاروشاهه واسڻ 12 سالن جي يتيم نياڻي سميرن منگي جون شھر جي اوباش نوجوان وڊيوز ٺاهي ٽڪ ٽاڪ تي رکي ڇڏيون ، سميرا منگي پنھنجي امڙ ضميران منگي سان گڏجي ٽائيم نيوز آفيس پھچي دانھيو ته آئون غريب ۽ يتيم آھيان، اوباش نوجوان منهنجون وڊيوزٺاهي ٽڪ ٽاڪ تي اپ لوڊ ڪيون آهن، هن چيو ته جوابدارخلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.