| ٺاروشاھه: سخت سردي دوران 2 ڄڻا دل جو دوري سبب فوت |
ٺاروشاھه (ن پ ا) ٺاروشاھه ۾ سخت سردي دوران 2 ڄڻا دل جو دورو پوڻ سبب فوت، ان ڏس۾ ٺاروشاھ ۽ آس پاس ڪوھيڙو ھجڻ سبب ٿڌ ۾ اضافو اچي ويو، ڪالهه ٽائون ڪاميٽي جو چوڪيدار اڪرم خانزادو رات جو ڊيوٽي دوران دل جو دورو پوڻ سبب آفيس ۾ فوت ٿي ويو، جڏھن تـه ڳوٺ ميوو چانڊيو ۾ ٺيڪيدار روشن چانڊيو جو ننڍو ڀاءَ مٺل چانڊيو سخت سردي سبب دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو، ٻنهي گھرن ۾ ڪھرام متل آھي