ٺاروشاھه ٽائون ڪميٽي جي انتظاميا ۽ صفائي عملي ۾ دنگل: 7 ملازم برطرف: مظاهرو

ٺاروشاھه ٽائون ڪميٽي جي انتظاميا ۽ صفائي عملي ۾ دنگل: 7 ملازم برطرف: مظاهرو

ٺاروشاھه(ن پ ا) ٺاروشاھ ٽائون ڪاميٽي جي انتظاميا ۽ صفائي عملي ۾ دنگل: 7 ملازم برطرف: مامرو هاءِ ڪورٽ پهتو: مظاهرو، ڪالهه ٺارو شاهه جي  صفائي ڪندڙ ملازمن  پيرين اگھاڙي مارچ ڪري ٽائون انتظاميا خلاف مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي الهڏنو شيخ، حاڪم شيخ، مسمات شمشاد،  ريشما، حاڪم  نادره شيخ،  ردا شيخ،  سميرا شيخ  ۽ ٻين چيو ته ٽائون چيئرمين جي حڪم تي اسان جا 7 ملازم برطرف ڪيا ويا آھن، اسان کي انڪريمينٽون  ۽ رھيل پگھارون نٿيون ڏنيون وڃن، اسان انصاف لاءِ ھاءِ ڪورٽ سکر ۾ پٽيشن  داخل ڪرائي آھي، جنهن بعد ٽائون آفيسر حميد ملڪ  ۽  فرحان ميمڻ  ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاءِ موت مار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن  اسان جي 7 عورت ملازمائن کي برطرف ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته اسان  شھر ۾ صفائي ڪري پيٽ پاليون ٿا پر اسان سان ڪير انصاف نٿو ڪري،  اسان بلاول ڀٽو کان مطالبو  ڪريون ٿا ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻئي پاسي ٽائون آفيسر حميد ملڪ چيو ته ڪچن ملازمن کي مدو پورو ٿيڻ بعد نوڪري مان ڪڍيو ويو آھي، باقي موت مار ڌمڪين جا الزام ڪوڙا آهن، ٽائون چيئرمين علي عالمالي جي ڏيهه موٽڻ بعد مسئلو حل ڪنداسين