| ٺاروشاھه: ڌرين ۾ جھيڙو: اڌڙوٽ دل جي دوري وگهي فوت |
ٺاروشاھه (ن پ ا) ٺاروشاھه ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو: دل جو دورو پوڻ سبب اڌڙوٽ فوت ان ڏس ۾ ڳوٺ ڪريم ڏنو ڏهراج ۾ ڏهراج برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران هڪ ڌر جو واحد بخش ڏهراج دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو، پوليس پهچي فوتي جو لاش اسپتال پھچايو، آخري اطلاعن موجب واقعي جو ڪيس داخل نـه ٿيو هو.