| ٺاروشاھه: ڪائونسلر جي پٽ آپگهات ڪري ڇڏيو |
ٺاروشاھه(ن پ ا) ٺاروشاھ ڀرسان گھرواڻبڻت تان نينگر پاڻ مٿان پستول جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾ ڳوٺ حاجي عبدالرحيم ٻاٽ ۾ 16 سالن جي عتيق احمد ٻاٽ گھرواڻبڻت تان پاڻ مٿان پستول جو فائر ڪري زندگيء جو انت آڻي ڇڏيو هوڏانهن نينگر جي پي۽ پ پ ڪائونسلر نثار احمـد ٻاٽ رابطي تي ٻڌايو ته عتيق احمد ٻاٽ گھر ۾ معمولي ڳالھ تان ڪاوڙجي گھر ۾ پيل پستول کڻي پاڻ مٿان فائر ڪيو، انهي واقعي سبب گھر ۾ ڪھرام مچي ويو