| ٺارو شاهه واسي پورهيت ڇهن ڏينهن کان گم، وارث پريشان |
ٺاروشاهه (ن پ ا) ٺاروشاھ ڀرسان ڳوٺ پيروز ابڙو واسي 55 سالن جو پيرسن پورهيت مير محمد ابڙو گذريل ڇهن ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي. جنهنجي وارثن پاران ڳولا باوجود سندس پتو نه پئجي سگهيو آهي جڏهن ته پورهيت جي پٽن اڪرم ابڙو ۽ الطاف ابڙو ٻڌايو ته پيء پنج ڏينهن پهريان ڳوٺ کا سيوهڻ زيارت لاء نڪتو جتان گم ٿي ويو آهي ۽ هن مهل تائين ڳولا باوجود سندس پتو نه پيو آهي هنن چيو ته سندن جي ڪنهن سان ڪابه دشمني ناهي. هنن وس وارا کان پيء جي ڳولا ۾ مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي.