ٺارو شاهه(رپورٽر)ٺارو شاهه ويجهو ڳوٺ ٺٽ سولنگي ۾ 11 سالن جي نينگريءَ سان ڏاڍائي واري واقعي جي خبر ٽائيم نيوز تان نشر ٿيڻ بعد ايس ايس پي نوشهرو فيروز جو ايڪشن، ايس ايس پي جي حڪم تي پوليس متاثر ٻارڙيءَ کي اسپتال ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو
جوابدار ستار سولنگي جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس گهر تي چڙهائي ڪئي پر هو فرار ٿي ويو، پوليس سندس ڀاءُ کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو
وارثن جو چوڻ آهي ته نينگريءَ کي سرڪاري اسپتال کڻي آياسين ته ليڊي ڊاڪٽر علاج ڪرڻ بدران داٻا ڏئي گهر وڃڻ لاءِ چيو
ڏاڍائي جو نشانو بڻيل ٻارڙيءَ جي حالت خراب ٿي وئي آهي، وارثن موجب ٻارڙي ڦٽين جو چونڊو ڪري رهي هئي ته جوابدار ستار سولنگي کيس ڏاڍائي جو نشانو بڻايو