ٺارو شاهه: ٽائيم نيوز رپورٽر سان پوليس گردي: ايس ايچ او گهر ڀيڙو 

ٺارو شاهه: ٽائيم نيوز رپورٽر سان پوليس گردي: ايس ايچ او گهر ڀيڙو 

نوشهرو فيروز (رپورٽر) ٺارو شاهه ۾  پوليس ٽائيم نيوز جي رپورٽر غلام شبير اڄڻ ۽ ٻين صحافين کي ڪوريج کان روڪي ڪيميرائون کسڻ جي ڪوشش ڪئي ، ان موقعي تي  ايس ايڇ او ٺاروشاھ اسلم لغاري صحافين کي گٿا لفظ ڳالهائي ڌمڪيون ڏنيون، پوليس گردي خلاف نوشهرو فيروز جي صحافين الله واري چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مطاهرو ڪيو، هوڏانهن ايس ايس پي روحل کوسو ايس ايڇ او ٺاروشاھ اسلم لغاري کي ھٽائي ڇڏيو