ٺارو شاهه ڀرسان چونڊيل نمائندن ديرا ڄمائي ورتا، هرڻن، ڦاڙهن ۽ تترن جو شڪار
جنوري 31, 2025
ٺارو شاهه (رپورٽ: شبير اڄڻ) سنڌ حڪـومت ۽ جنگـلي جيوت کاتي پاران شڪـار تي بندش باوجود سنڌ حڪومت جي چونڊيل نمائندن حڪومت جا اهڙا اعلان هوا ۾ اڏائي سرعام پکين ۽ جانورن جو شڪار ڪري رهيا آهن، ٺاروشاهه ڀرسان ڀورٽي جي ڪچي ۾ ناياب نسل جي ھرڻن، فاڙھن ۽ تترن جو غيرقانوني طور ٿيندڙ شڪـار تي جنگلي جيوت کاتي سميت سڀ ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن، سياسي اڳواڻن جي شڪار واري وڊيو سوشل ميـڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، شڪار ڪندڙن ۾ پ پ ايم اين اي شھريار مھـر، ايم اين اي شبير بجاراڻي، ايم اين اي رفيق جمالي، ايم پي اي سردار چانڊيو، ايم پي اي برھان چانڊيو، عثمان عالماڻي، تيمور پنھور، علي شير ڀرٽ ۽ ٻيا شامل آهن، هوڏانهن سڄاڻ ڌرين پاران بندش باوجود شڪار ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اختيارين کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي.