ٺارو شاهه ۾ قتل ڪيس ۾ ضمانت رد ٿيڻ بعد پ پ ڪائونسلر سميت 5 جوابدار فرار

آگسٽ 10, 2023

ٺارو شاهه (رپورٽر) ٺارو شاھه ۾ نوجوان جي قتل ڪيس ۾ ضمانت رد ٿيڻ بعد پ پ اڳواڻ سميت 5 جوابدار فرار ٿي ويا

شهر جي کوکر محلا ۾ عورت کي ڇيڙ ڇاڙ تان مبينا طور قتل ٿيل نوجوان نويد نارائي جي قتل ڪيس ۾ عبوري ضمانت تي آزاد ٿيل پ پ اڳواڻ سميت پنج جوابدارن جي ماڊل ڪورٽ نوشھروفيروز ضمانت رد ڪري ڇڏي جوابدار ڪورٽ مان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا

 ٻه مهينا اڳ کوکر محلا ۾ مبينا طور قتل ٿيل نوجوان نويد نارائي جي قتل ڪيس ۾ عبوري ضمانت تي آزاد ٿيل ٽائون ڪاميٽي ٺاروشاھه جي ڪائونسلر نعمان کوکر، معروف کوکر، فاروق کوکر، نثار منگي ۽ صدام کوکر  جي ضمانت ماڊل ڪورٽ نوشھروفيروز جي عدالت رد ڪري ڇڏي

 جوابدار ضمانت رد ٿيڻ بعد  عدالت مان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جڏهن ته پوليس پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌ تي ڇاپن جو سلسلو جاري آھي

Leave A Comment