ٺارو شاهه ۾ ماسترياڻي “جوائننگ” بعد هڪ ڏينهن به ڊيوٽي تي نه آئي

سيپٽمبر 14, 2023

ٺارو شاهه(رپورٽر) ٺارو شاهه جي علائقي مڃٺ ۾جوائننگ بعد ليڊي ٽيچر طرفان هڪ ڏينهن به اسڪول جي ڊيوٽي نه ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

 ليڊي ٽيچر سحر ميمڻ جي غير حاضري بابت هيڊماستر پاران لکيل ليٽر ٽائيم نيوز کي هٿ ڪري ورتو آهي، هيڊماستر پاران  ليڊي ٽيچر  ۽ تعليم کاتي ضلعي  اختيارين تي ڌمڪائڻ جو الزام هنيو ويو

هيڊماستر موجب  ليڊي ٽيچر لوئر سيڪنڊري اسڪول ۾2022ع ۾ جوائننگ ڪئي، ڊيوٽيءَ تان مسلسل غير حاضر آهي، پاڻ کي ايجوڪيشن آفيسر تبسم ميمڻ جي مائٽياڻي سڏائي ڌمڪائي رهي آهي

ڊي اي او نوشھروفيروز ۽ ٽي اي او  ڪنڊيارو حاضري رجسٽر تي صحيحون ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو، انڪار ڪرڻ تي هُنن مسٽرول زبردستي ڦري پاڻ وٽ رکي ڇڏيو آهي

Leave A Comment