| ٺاهه ڪريو: ميڙ قافلو ڀنڊ برادري وٽ پهچي ويو، 2 ڏينهن مهلت |
ٿرڙي محبت (ن پ ا) ٿرڙي محبت ۾ ڀنڊ برادري جي وڌندڙ تڪرار کان پوءِ ڀنڊ برادري جي نيڪ مردن ۽ ٻين ذاتين جي ماڻهن پاران پاڪ ڪتاب کڻي قافلي جي صورت ۾ تڪرار کي ختم ڪرڻ لاءِ ڌرين وٽ پهتا جنهن ۾ بيواه عورت سان شادي ڪرڻ جي ڌر مولا بخش ڀنڊ، گلزار ڀنڊ، ٻئي ڌر تڪرار ۾ جوابدار ڄاڻايل وزير ڀنڊ، حبدار ڀنڊ، پاران راڄوڻي ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو جڏهن ته گهر تي حملي ۽ قتل ٿيل عورت ۽ زخمي جي ڌرين فداحسين ڀنڊ، ۽ اعجاز ڀنڊ وٽ ميڙ منٿ قافلو پڻ پهتو، مقتول جي وارثن قافلي جي صورت ۾ آيل ميڙ منٿ قافلي کي چيو ته صلاح مشوري کان پوءِ جواب ڏينداسين اسان به خوني جهيڙي تي يقين نٿا رکون، ولي ڀنڊ، بدرالدين ڀنڊ، عبدالنبي کونهارو، سڪندر سرگاڻي، حسين سولنگي، پپن ڀنڊ، ۽ ٻيا سوين ماڻهو پاڪ ڪتاب کڻي ڌرين وٽ پهتا، ڇڪتاڻ کي ختم ڪرائڻ لاءِآيل ميڙ منٿ قافلي، ۽ پاڪ ڪتاب کي مان ڏيندي ٽنهي ڌرين پاران ٻن ڏينهن جي مهلت گهري ورتي.