ٺري ميرواهه جو اغوا ٿيل نوجوان بلوچستان مان بازياب

ٺري ميرواهه جو اغوا ٿيل نوجوان بلوچستان مان بازياب

ٺري ميرواھه (ن پ ا) ٺري ميرواهه مان اغوا ٿيل نوجوان بلوچستان مان نوجوان بازياب ٿي ويو. تفصيل موجب  ٽي ھفتا اڳ بلوچستان جي علائقي خضدار مان اغوا ٿيل ٺري ميرواھ جي ڳوٺ خاوند ڏنو شر واسي نوجوان رياض احمد شر کي اغواڪارن آزاد ڪري ڇڏيو آھي وارثن  موجب  اغواڪارن نوجوان کي آزاد ڪري ڇڏيو آھي اھڙي اطلاع بعد سندس گھر ۾ خوشي جي لھر ڇائنجي وئي آھي ياد رھي ته ٽي ھفتا اڳ بلوچستان جي علائقي خضدار ۾ ھٿياربند روڊ ڪمپني جي ڪيمپ تي حملو ڪري رياض شر سميت سنڌ واسي 14 مزدورن کي اغوا ڪري ويا ھئا .