ٺري ميرواهه: صحافي جي قتل خلاف هڙتال، تدفين، وارثن جا احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا
اپريل 11, 2025
ٺري ميرواهه(رپورٽ: عابد شر) ٺري ميرواهه ۾ قتل ٿيل صحافي جي تدفين، وارثن ۽ صحافين جا قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڌار ڌار احتجاجي مظاھرا، ڌرڻا، شهر ۾ هڙتال، خبر موجب ڪحاڙيون هڻي بردردي سان قتل ڪيل صحافي اي ڊي شر جو مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن قتل خلاف ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ ٺري ميرواهه ۾ شٽربند ھڙتال رهي، جڏهن ته صحافين ممتاز شر، محمد علي شر، بشير شر، محرم علي شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ فاضل راھو چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو، وارثن پاران ايڊوڪيٽ راجا الطاف شر، سرفراز شر، رياض شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 7 ڪلاڪ ڌرڻو هڻي مھراڻ ھاءِ وي بند ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري ٽريفڪ مڪمل طور تي معطل ٿي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته ٺري ميرواھ جو ايس ايچ او ۽ ڊي ايس پي نااھل ماڻھو آھن، جيڪي بيدردي سان قتل ڪيل صحافي جي قاتلن کي اڃا تائين گرفتار نه ڪري سگھيا آھن، ھنن گھر ڪئي ته صحافي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ھوڏانھن مقتول صحافي جي بيواهه شاھانا شر پنھنجي چئن يتيم نياڻين ۽ مقتول صحافي جي امڙ نظيران شر سان گڏجي 8 ڪلوميٽر ڳوٺ ٻڍل پور کان مارچ ڪري ٺري ميرواھ سرڪاري اسپتال ويجھو پھتي، جتي ڪار تي ايندڙ ايس ايچ او جي گاڏي روڪي کين قرآن پاڪ جا واسطا ڏنا ۽ قاتلن کي جلد گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جنھن بعد عورتن پاران ٿاڻي آڏو ڌرڻو ھنيو ويو، ان موقعي تي مقتول جي بيواھ ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي چيو ته منھنجي مڙس جي قتل ۾ سندس صحافي دوست نياز دستي، منصور اعواڻ ۽ شڪور ملاح ملوث آھن، جيڪي کيس اڳ به ڌمڪيون ڏيندا ھئا، ٻئي پاسي خيرپور، پريالوءِ، اوٻاوڙو، ڏهرڪي، نوري آباد، بڪيراشريف ۽ محبت ديرو ۾ صحافين احتجاجي مظاهرا ڪري قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو.