ٺري ميرواهه لڳ نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو
جُون 30, 2025
ٺري ميرواھ ( پنهنجي ڊيسڪ ) ٺري ميرواھ جي لاشاري محلي واسي 18 ورھين جي نوجوان شاھنواز سمور بيروزگاري کان تنگ اچي پنھنجي گھر اندر نشي واريون گوريون کائي خودڪشي ڪري ڇڏي، نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت م تعلقا اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرن نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جنھن بعد مڙھ گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو وارثن موجب بيروزگاري سبب نوجوان ڪافي ڏينھن کان پريشان رھندو ھيو اڄ ھن انتھائي قدم کنيو آهي.