| ٺري ميرواهه ۾ فصل جي ڀيل تان جھيڙو، فائرنگ ۾ ٽئڪسي هلائيندڙ واٽهڙو نوجوان قتل |
ٺري ميرواھه(ن پ ا) ٺري ميرواھ جي ڳوٺ مروڙو ۾ فصل ڀيل تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، فائرنگ ۾ واٽھڙو قتل، ڳوٺ مروڙو ۾ فصل جي ڀيل واري ڳالهه تان ٻانڀڻ ۽ ملاح ڌرين ۾ تلخ ڪلامي بعد جھيڙو ٿي پيو، فائرنگ ۾ موٽرسائيڪل ٽئڪسي ھلائيندڙ واٽهڙو علي حسن مري سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقا اسپتال آندو ويو جتي وڌيڪ علاج لاءِ گمس گمبٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي نوجوان دم ڏئي ڇڏيو، وارثن موجب اسان جي نوجوان کي مظفر ٻانڀڻ بيگناھ پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو آهي، ڪنهن سان به دشمني ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻي طرف پوليس موجب الزام ھيٺ آيل جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آھي، وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. وارث ايندا ته ڪيس به داخل ڪيو ويندو.