ٺري ميرواهه ۾ ڇتي ڪتي جو ڏاڙهيل نينگر ويڪسين ڪرائڻ باوجود فوت

ٺري ميرواهه ۾ ڇتي ڪتي جو ڏاڙهيل نينگر ويڪسين ڪرائڻ باوجود فوت

ٺري ميرواھه(ن پ ا) ٺري ميرواھه جي ڳوٺ سون واھه ۾ ٻه ھفتا اڳ ڇتي  ڪتي جي ڏاڙھيل  13ورهين جو نينگر ممتاز جوڳي پٽ ثناءُ الله جوڳي هائڊرو فوبيا ۾ مبتلا ٿي ويو، جنهن کي دورا پوڻ ڪري وارثن کيس علاج لاءِ  گمس اسپتال گمبٽ ۾ داخل ڪيو جتي به سندس علاج نه ٿي سگهيو، جتان کيس ڪراچي نيو  پئي ته هن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو. نينگر جو مڙھه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.وارثن موجب نينگر کي ويڪسين ته ٿي هئي پر مڪمل ڊوز نه لڳو، نينگر کي دورا پوڻ ڪري اسپتال کڻائي وياسين، ٺري ميرواهه کان گمس کڻائي وياسين جتان ڪراچي ريفر ڪيو ويو، رستي ۾ نينگر دم ڏنو.